شهروز سبزواري

شهروز سبزواري

شھروز سبزواري

شھروز سبزواري : فلم ۽ ٽي. وي جو نوجوان اداڪار ۽ ماڊل شھروز سبزواري, 13 آگسٽ 1985ع تي نامياري اداڪار بهروز سبزواري جي گهر ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هي اداڪار جاويد شيخ ۽ سليم شيخ جو ڀاڻيجو آهي. سندس تعلق هڪ فنڪار خاندان سان هئڻ ڪري کيس فن ورثي ۾ مليو. جنهن جو هن ڀرپور اظهار ٽي. وي جي مختلف ڊرامن ۾ اداڪاري ذريعي ڪيو آهي.
هن مختلف چئنلز تي جيڪي ڊراما، ڪيا تن ۾ ‘انا’، ‘مامتا’، ‘بدتميز’، ‘ڪڇھہ دل ني ڪھا’، ‘ڊونٽ جيلس’، ‘يه زندگي هي’، ‘تنهائيان’، ‘نئين سلسلي’، ‘بلو’، ‘ببلو’، ‘اينڊ ڀيا’، ‘نني’، ‘درد آشنا’، ‘ڀول’، ‘آھستہ آھستہ’، ‘ڪهاني رائما اور مناحل ڪي’، ‘وني’ ۽ ٻيا ڪيترائي مشھور ڊراما شامل آهن. ان کانسواءِ هن ٽيلي فلم ‘شريڪ حيات’ ۽ ‘کلي آسمان ڪي نيچي’ ۾ اداڪاري ذريعي ڏسندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. جڏهن تہ اڄڪلھہ فلم ’ڪولاچي‘ ۽ هڪ انڊين فلم ‘لوَ اسٽوري’ جي فلمبنديءَ ۾ مصروف آهي.
شھروز 21 آڪٽوبر 2012ع تي مشھور اداڪارہ ۽ ماڊل ساره يوسف سان شادي ڪئي. هي هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.08.13  عيسوي

شهروز سبزواري, 13 آگسٽ 1985ع تي نامياري اداڪار بهروز سبزواري جي گهر ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روشن الدين روشن
سنگهار
غلام شاھہ ڪلهوڙو ميان
بابا بھار بخش خان
جان محمد عباسي مولانا
عبدالله ميمڻ خليفو
ارشاد علي شاھہ
حڪيم پير عبدالحليم ثاني
بيکارام ديوراجاڻي ڊاڪٽر
حامد علي ميمڻ ماستر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون