شهداد خان کوسي جو مقبرو

شهداد خان کوسي جو مقبرو

شھداد خان کوسي جو مقبرو

شھداد خان کوسي جو مقبرو: هي مقبرو تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ڇنيءَ ۾ آهي. شھداد خان کوسي جو قدآور ۽ زبون حال مقبرو، جنهن جي ديوارن ۾ هاڻي ڏار پئجي ويا آهن ۽ پلستر اکڙجي چڪو آهي. مقبري جي ديوارن تي ٿيل نقاشي بہ مٽجي چڪي آهي، مٿان گنبذ تان بہ پلستر اکڙجي پيو آهي. مقبري جو لنگهہ اوڀر کان آهي، اولھہ ۾ محراب اٿس. شھداد خان بابت محققن جو چوڻ آهي تہ ڳوٺ ڇني جو اصل نالو شھدادڪوٽ هو، پر جيئن اتان جو جاگيردار خان کوسو'>شھداد خان کوسو هو، جنهن پنھنجي جاگير مان شھر کي ڌار ڪري اهو علائقو پنھنجي ڌيءَ کي ڏاج ۾ ڏنو. سندس مقبري وارو قبرستان اتي مشھور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو