
شهداد خان جو قبو
شھداد خان جو قبو (ماڳ): هي ماڳ ميان نور محمد جي قبرستان، ڳوٺ ميان نور محمد، تعلقي دولتپور، ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ واقع آهي. هن جي ڏکڻ ۾ اٽڪل هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي نم جو ڳوٺ آهي ۽ هن جي اوڀر ۾ هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي لنڊڪي ڪئنال وهي ٿو. مقيم ڏاهريءَ جو ڳوٺ اٽڪل 3 ڪلوميٽر اولھہ ۾ ۽ موري جو شھر هتان کان 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هن مقبري جي ماپ ڊيگهه ۾ 7.90 ميٽر ۽ ويڪر ۾ 6.30 ميٽر ۽ اوچائيءَ ۾ 5.50 ميٽر آهي. رٿ ۾ هيءَ اڏاوت مستطيل آهي. اڏاوت مھل پڪيون سرون، گچ گارو ۽ چن استعمال ٿيل آهي. لنگهه اڀرندي طرف ونگن سان ٺهيل آهي. مهاڙيءَ جي مستطيل پانيلن تي مهندسي (Geometrical) ليڪون ۽ گهڻ راسيون ٺهيل آهن، چارئي پاسا هڪجهڙا سينگاريل آهن. ٻيڙ ٻنن تي ڪنگرن جا نشان موجود آهن، جڏهن تہ هر ڪنڊ تي ڀڳل برجيون موجود آهن. ڇت تي گنبذ ڪونه آهي، پر محرابي ڇت (Vaulted roofing) آهي. هن اڏاوت (Anagonal Arch) جي چوٽيءَ تي ٿوري ٿوري وٿيءَ تي ڪوڻيءَ جا ابتا گل ۽ ان جي مٿان ڪلس ٺهيل آهن. هن قسم جي محرابي ڇت (Vaulted roof) جيڪب آباد ۾ عالم شاھہ مسجد، نوابشاھہ ۾ امير علي شاھہ جو مقبرو، لاڙڪاڻي ۾ دائوءَ جا قبا ۽ دادوءَ ۾ ميان نصير محمد خان ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ ڪن مقبرن تي بہ ملي ٿي. مقبري جو ٻاهريون حصو گچ گاري سان لتل آهي. اندر هر پاسي پانيلن تي اونها – گهڻ راسا ونگ ڏنل آهن. سواءِ اڀرندي ديوار ۾ لنگهه وٽ، جتي ٻن پانيلن تي اونهيون راسيون ٺهيل آهن. ائين چوڌاري پانيلن کان مٿي بہ سڌيون ۽ انگڙ ونگڙ گهڻ راسيون آهن. اندر ٻن قبرن تي گچ گاري جي لنب (Plaster) ٿيل آهي.