
شاهپور چاڪر ۾ ميرشهداد خان اول جو قبو
شھداد خان جا قبا: تعلقي شھدادپور ۾، شاهپور چاڪر شھر کان چار ميل اتر اولھہ طرف، شھدادپور جي باني مير شھداد خان بن هوتڪ خان جي مزار آهي. تربت پٿر جي ٺهيل آهي ۽ پٿر جي ٿلهي تي چار فوٽ کن مٿانهينءَ تي آهي. ساڳئي ٿلهي تي ان جي اولھہ ۾ ٻہ ٻيون بي نام قبرون بہ آهن. ٿلهي کي چوڌاري پٿر جو ڪٽهڙو، مٿان ڇٽي ۽ مٿي چڙهڻ لاءِ ڏکڻ پاسي پٿر جي ڏاڪڻ آهي. ٻاهران چوديواري ڏنل آهي، جنهن کي اڀرندي پاسي دروازو آهي. دروازي جي مٿان پٿر جي تختيءَ تي، مير شھداد جو نالو ۽ سندس وفات جو سال (1147ھہ) اُڪريل آهي.
مير شھداد خان جي مزار جي اردگرد، ميل کن جي گهيري ۾ ڪيئي قبا ۽ قبرون موجود آهن، جي اڪثر ٽالپرن جي خاندان جون آهن. ڳچ قبرن تي نالن جون تختيون بہ لڳل آهن. مقام ۾ ڪجهہ ڪجهہ فاصلي تي ٽي مسجدون زبون حالت ۾ موجود آهن، جن جي دروازن مٿان ٺهرائيندڙن جا نالا ۽ سن بہ ڏنا ويا آهن. ميرن جي مکيہ قبرن ۽ مسجدن تي موجود ڪتبن ۾، عقيدت سبب، پهريان سندن مرشد ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو نالو اُڪريل آهي. (سجاڳ سانگهڙ، ص 49-51) ‘سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري’ تيار ڪندڙن الائي ڪيئن مير شھداد خان جي قبن کي، ضلعي نوابشاھہ ۾ موجود ميان نور محمد جي قبرستان ۾ ڏيکاريو آهي. (ص 180-181)