شهباز علي ملازم سروري

شهباز علي ملازم سروري

شھباز علي ملازم سروري

شھباز علي ملازم ‘سروري’: شھباز علي ملازم سروري ولد عبدالڪريم خاصخيليءَ 10 جون 1916ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ جنم ورتو. قرآن شريف جي تعليم، پنج درجا سنڌي ۽ ڪجهه سبق فارسيءَ جا پڙهيائين. هالن ۾ محمد فقير کٽياڻ ۽ فقير بخش ملاح جي صحبت ۾ رهڻ سبب سندس طبيعت شاعريءَ طرف مائل ٿيس. اڳتي هلي کيس مخدوم محمد زمان طالب المولى جي شاعراڻي صحبت ۽ استاديءَ هيٺ باقاعدہ شاعريءَ جي تربيت ملي. سندس شاعريءَ ۾ غزل، ڪافي، بيت، گيت، رباعيون، مرثيه، نعت، حمد، ڏور ۽ نظم موجود آهن. سندس تصنيفن ۾ ‘نغمئه دل’، ‘لڙڪ حسين گل’ ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران ڇپايل ڪتاب ‘حمد ۽ نعت’ شامل آهن. سندس ڪيتروئي اڻ ڇپيل ڪلام موجود آهي. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيو تي بہ نشر ٿيندا رهن ٿا. هن 27 شوال 1415ھہ/28 مارچ 1995ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ اباڻي قبرستان آراضي ۾ آهي.


لفظ شھباز علي ملازم سروريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.06.10  عيسوي

شهباز علي ملازم سروري ولد عبدالڪريم خاصخيليءَ 10 جون 1916ع تي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ جنم ورتو.


1995.03.28  عيسوي

شهباز علي ملازم سروري 27 شوال 1415هه/28 مارچ 1995ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان آراضي ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اقبال رند
محمد صالح سومرو
پرديپ
امير بخاري
سردار شاھہ
رفيق وقار کهڙو
حاجي محمد يوسف ميمڻ
عادل سخيراڻي
راج راڄپر
روحل گائنچو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون