شهباز بلوچ

شهباز بلوچ

شھباز بلوچ

شھباز بلوچ: ريڊيي، ٽي.وي ۽ اسٽيج اداڪار شھباز بلوچ، 3 اپريل 1965ع تي قادر بخش بلوچ جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم جماعت اسلام هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول مان 1980ع ۾، انٽر 1982ع ۾ سنڌ ڪاليج آف ڪامرس حيدرآباد مان، بي.ڪام ۽ 1985ع تي ايم.ڪام 1989ع ۾ ڪيائين. ان کانسواءِ آٽو موبائل ڪورس، ڪوٽڙي مان ڪيائين. هن ايم.سي.بي بئنڪ ۾ اڪائونٽ اسسٽنٽ طور ذميواريون نڀائڻ سان گڏوگڏ 1986ع ۾ پي.ٽي.وي تان مشھور مزاحيہ پروگرام ‘چهچٽو’ سان پنھنجي فني سفر جو آغاز ڪيو. جنهن پروگرام جو پروڊيوسر منظور قريشي هو. شھباز بلوچ پي.ٽي.وي تان 30 کان وڌيڪ سيريل ۽ 200 کن سولو پلي ڪيا آهن، جن ۾ امر جليل جو تحرير ڪيل ڊرامو ‘مٽي جا ماڻهو’، علي بابا جو لکيل ‘سون ورنيون دليون ’ ، جنهن ۾ سندس ڪردار ‘ساماڻو پوليس وارو’ تمام گهڻو مشھور ٿيو ۽ اهو ڪردار سندس سڃاڻپ بڻيو. سنڌي ڊرامن کانسواءِ هن مختلف ٽي.وي چئنلن لاءِ اردو ۾ بہ ڊراما ڪيا آهن. جھڙوڪ: ‘ديا جلائي رکنا’ جيڪو جيو چئنل تان نشر ٿيو، جنهن ۾ بہ هن انسپيڪٽر اقبال جو ڪردار ڪري گهڻي مڃتا ماڻي. ARY جي ڊراما سيريل ‘دهليز’ ۾ کيس بادشاھہ جو رول ڪرڻ تي ڏيھہ توڙي پرڏيھہ ۾ سڃاڻپ حاصل ٿي.
هن جاپان، ٿائيلينڊ، مصر، دبئي وغيرہ گهميا آهن. کيس فني مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ مليل آهن. پاڻ اڃا تائين فن جي خدمت ڪندو رهي ٿو ۽ هن وقت حيدرآباد شھر ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ شھباز بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.04.03  عيسوي

ريڊيي، ٽي.وي ۽ اسٽيج اداڪار شهباز بلوچ، 3 اپريل 1965ع تي قادر بخش بلوچ جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي محمد رونجهو
سوهارتو Suharto
جمعو فقير 1
صوڀراج پرسرام مينگهاڻي
پير ميان غلام نبي پنيل
پهلوان شير ميربحر
سيد قاسم محمود
سيد شفيق حيدر موسوي
دريانو مل
غلام نبي عبداللطيف
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون