شهاب الدين ملتانيءَ جو مقبرو

شهاب الدين ملتانيءَ جو مقبرو

شھاب الدين ملتانيءَ جو مقبرو

شھاب الدين ملتانيءَ جو مقبرو: هن بزرگ جو مقبرو چاڪر بنگلي جي ڀرسان، تعلقي بدين ۾ آهي. هڪ گنبذ وارو، جنهن جو گنبذ گول آهي. گنبذ جي ڳچ تي هوا لاءِ جارا ڇڏيل آهن. اندر وڃڻ لاءِ نوڪدار ونگ سان دروازو ڏنل آهي. ڪنڊن تي ننڍڙا برج ٺهيل آهن. برجن تي ڪاشيءَ جون نيلون ڏنل آهن. درگاھہ تي هڪ ڏاڪڻ وسيلي هڪ سھڻي الڳ ٺهيل دروازي مان لنگهي پهچي سگهجي ٿو. انهي دروازي يا لنگهہ کي گول ونگ ڏنل آهي ۽ چوڌاري ناسي رنگ جي سھڻي ڪاشي ڏنل آهي. وچ تي وڏو چڙو ٻڌل آهي. مقبري جي گنبذ جي چوٽيءَ تي ڪاشيءَ جي نيل ڏنل آهي. هن بزرگ بابت معلومات ڪانہ ٿي ملي. پر محمد سومار شيخ پنھنجي ڪتاب ‘لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا’ ۾ لکيو آهي ته، “شاھہ ڀٽائي جن جڳهين تان ڦيرا ڪيا، انهن مان شھاب الدين ملتانيءَ جو مقبرو ۽ قبرستان بہ هڪ آهي. انهيءَ ۾ اميد علي ڪوڪيءَ جون ٻہ شھيد نياڻيون، مشھور بزرگ جرڪس ڌناڻيءَ جو والد ڏنون درس، شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو والد سيد لعل محمد للاڻي بہ آرامي آهن. انهن بزرگن جي زيارت لاءِ شاھہ عبداللطيف هن قبرستان ۾ ايندو هو.”


لفظ شھاب الدين ملتانيءَ جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو