شڪسته زندگي - ڀاڱو ٻيو

شڪسته زندگي - ڀاڱو ٻيو

شڪستہ زندگي ڀاڱو ٻيو

شڪستہ زندگي - ڀاڱو ٻيو (ڪتاب): هيءُڪتاب نامور ليکڪہ بادام ناتوان جي مضمونن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾
ڪل ڏھہ مضمون شامل آهن. جن ۾: (1) لولا لنگڙا: انڌا منڊا، (2) مرد، (3) والدين ۽ اولاد جون هڪ ٻئي ڏانهن جوابداريون، (4) اڄڪلھہ جي تعليم، (5) اڄڪلھہ جي فضا، (6) گنھگار ڪير، (7) خود ضابطگي، (8) هڪ حقيقت، (9) خوني، (10) نقطہ نگاھہ شامل آهن.
هن ڪتاب جو تعارف پبلشر سيد حسن بخش شاھہ لکيو آهي. ليکڪہ ‘حال دل’ جي سري سان پنھنجي پاران لکيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڀل نامو پڻ شامل آهي. 209 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز هن ڪتاب کي بشير احمد ائنڊ سنس، اولڊ مارڪيٽ ڪراچيءَ مان 1950ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 2 روپيا هڪ آنا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو