شڪر ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ شھر سڪرنڊ لڳ ڏکڻ طرف هوندي هئي، جنهن جا هن وقت نشان باقي آهن. ڪتاب ’فتح نامہ‘ (فارسي) ۽ ’شاهنامه سنڌ‘ موجب شڪر ڍنڍ جو پاڻي مٺو، شفاف ۽ صحت بخش هو. ان ڪري ڍنڍ جو نالو ’شڪر ڍنڍ‘يعني مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ مشھور ٿيو. ڍنڍ جي چوڌاري وڻ هوندا هئا، ڍنڍ جي وچ تي ميرن جي محلات هئي، جتي مير شڪار ڪرڻ لاءِ اچي ترسندا هئا. مير فتح علي خان ٽالپر ڍنڍ جي ڀرسان مٿانهين جاءِ تي فتح آباد قلعو جوڙايو، جيڪو هن وقت ناهي رهيو پر هموار زمين کان ڏھہ- پندرهن فوٽ مٿي دڙي جي صورت ۾ ماڳ ان قلعي جي نشاندهي ڪري ٿو. اهو ماڳ هن وقت ’پراڻو سڪرنڊ‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. شڪر ڍنڍ تي ملاحن جا ڳوٺ ۽ مياڻيون هيون. سڪرنڊ فارم لڳ اڄ بہ ’مياڻ‘ ڳوٺ موجود آهي. شڪر ڍنڍ ۾ درياهي پاڻي ايندو هو، انگريزن سنڌ تي قبضي بعد درياهي ٻوڏن کان بچڻ لاءِ درياھہ تي ڪيترائي بند ٻڌا، جنهن سبب هي ڍنڍ پاڻي نہ ملڻ ڪري سُڪي وئي. مقامي ماڻهن وٽ اها روايت پڻ عام آهي تہ سڪرنڊ شھر تي اهو نالو پڻ انهي ’شڪر‘ ڍنڍ پويان پيو. سڪرنڊ شھر کان اولھہ- ڏکڻ طرف کان گذرندڙ باءِ پاس روڊ شڪر ڍنڍ جي پيٽ مان گذري ٿو.