شڪارپور سيمينار

شڪارپور سيمينار

شڪارپور سيمينار

شڪارپور سيمينار (سووينيئر): شڪارپور شھر جي تاريخ بابت هي سيمينار ‘شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي’ طرفان 2 مئي 1985ع تي منعقد ڪيو ويو، انهي سيمينار جي موقعي تي پڙهيل تحقيقي مقالن ۾ هي شامل آهن: (1) شڪارپور شھر جو بنياد (ڊاڪٽر عبدالخالق سومرو)، (2) شڪارپور- سياحن ۽ مؤرخن جي نظر ۾ (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)، (3) شڪارپور جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي (حبيب ﷲ مولابخش ڀٽو)، (4) سنڌو واھہ (پير حسام الدين راشدي)، (5) شڪارپور ضلعي جي صحافت 1900ع کان 1984ع تائين (انور فگار هڪڙو).
تحقيقي مقالن کانسواءِ هن ۾ شڪارپور جي عالمن، اديبن، شاعرن، سياستدانن ۽ ماڳن مڪانن جون ناياب تصويرون پڻ شامل آهن. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 64 صفحن تي مشتمل هي سووينيئر شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور طرفان 1985ع ۾ شايع ٿيو جنهن جي ڪا بہ قيمت ڄاڻايل نہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.05.02  عيسوي

شڪارپور شهر جي تاريخ بابت هي سيمينار ‘شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي’ طرفان 2 مئي 1985ع تي منعقد ڪيو ويو،



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اندر جو آلاپ
دي اينٽيڪيوٽيز آف سنڌ
آڪاس نروار
سگهڙ سالڪ
ديوان حيدر
تاريخ سنڌ8
عالمي ادب ڪتاب
اٻلا پوڪار
شيعيت جو تعارف
تعليم جا اصول
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون