شڪارپور جو قلعو: امير بھادر خان 1020ھہ/1617ع ۾ شڪارپور کي آباد ڪيو تہ اتان وسيع جهنگ کي صاف ڪرائي، ان جي چوڌاري مٽيءَ جو مضبوط قلعو تعمير ڪرايو، جنهن جا اٺ دروازا ۽ هڪ دري هئي. هيءُ قلعو اٽڪل 1670ع جي لڳ ڀڳ مڪمل ٿيو. گمان غالب آهي تہ امير بھادر خان جي وفات 1680ع جي ويجهو ٿي هئي.
انهيءَ وسيع قلعي کي اٺ دروازا هئا. جيتوڻيڪ هن وقت قلعي جو خير ڪو نشان باقي نہ رهيو آهي، مگر انهن دروازن جا نالا اڄ بہ مشھور آهن، جيڪي لکيدر، هزاري در، هاٿيدر، خانپوري در، سيوي در، نوشهرو در، واڳڻو در، ڪرن در ۽ صديق ماڙي (دري) جي نالن سان اڄ بہ موجود آهن. محقق ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي تحقيق موجب ڪوٽ کي وڌيڪ ٻہ در ‘ڪوٽ در’ ۽ ‘شيخ افضل در’ بہ هئا، جيڪي پوءِ دائودپوٽن جي حڪم سان بند ڪيا ويا.