شيطان فقير

شيطان فقير: ناليواري مزاحمتي شاعر شيطان فقير جو اصل نالو فقير رمضان اوٺو هو. هو نواب ولي محمد لغاري، تعلقي دولتپور، ضلعي شھيد بينظير آباد جو رهاڪو هو. پنھنجي وقت جو سٺو شاعر ۽ سگهڙ ٿي گذريو آهي. شيطان فقير سٺو سماجي ورڪر، سنڌ جو شيدائي ۽ باغي شاعر هو. سندس ڪجهہ شاعري سندس ڀاءُ عثمان وٽ محفوظ آهي، باقي ڪيتري ئي شاعري ضايع ٿي چڪي آهي. شيطان فقير جي تربت نواب ولي محمد ۾ آهي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
نظاري چڙهياسين چڀڻ ڪو نہ ٿيندو،
وڙهي ڄاڻ وياسون، ٺھڻ ڪو نہ ٿيندو.


لفظ شيطان فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو