
شيش نانگ
شيش نانگ (King Cobra/ Ophiophagus hannah): شيش نانگ دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو زهريلو نانگ آهي. هن نانگ جي ڊيگهہ 18.5 فوٽ يعني 5.6 ميٽر آهي. شيش نانگ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن لائوس، ڪمبوڊيا، سينگاپور، ويٽنام ۽ ٿائلينڊ ۾ ٿئي ٿو. ان کان سواءِ هندستان جي ڪجهہ حصن، نيپال، برما ۽ ڀوٽان ۾ بہ هي نانگ ڏٺو ويو آهي. اوڀر ايشيا کان پري جي ملڪن جھڙوڪ: چين، جاپان، اتر ڪوريا، ڏکڻ ڪوريا، ملائيشيا، منگوليا، تائيوان، فلپائين ۽ انڊونيشيا جي گهاٽن جهنگلن ۾ بہ شيش نانگ ٿئي ٿو.
شيش نانگ جو جينياتي يا فطري نالو اوفيوفيگس (Ophiophagus) آهي، جنهن جي لغوي يا بنيادي معنيٰ آهي ‘نانگ کائيندڙ شيش نانگ’ (ophio جي معنيٰ اهي نانگ ۽ phagus جي معنيٰ آهي کائيندڙ). شيش نانگ جي خوراڪ ۾ ڪوئا، ڪرڙيون، زهريلا نانگ ۽ بغير زهر وارا نانگ شامل آهن، جن ۾ سنگچور، پيئڻ، ڪوبرا (واسينگ نانگ)، ازدها (pythons) اچي وڃن ٿا. ايتري قدر جو بک مھل شيش نانگ پنهنجا ٻچا بہ کايو وڃي. شيش نانگ جو زهر انتهائي خطرناڪ ۽ زهريلو آهي. جيڪو رت ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ دماغ ۽ جسم جي تنتي سرشتي کي مفلوج ۽ ناڪارہ ڪري سگهي ٿو. شيش نانگ هڪ ئي چڪ ۾ ماڻهوءَ کي يڪدم مارڻ جي صلاحيت رکي ٿو. شيش نانگ جي چڪڻ سان موت جي شرح وڌ ۾ وڌ 75 سيڪڙو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 33 سيڪڙو آهي، جيڪو علاج جي طريقہ ڪار تي منحصر آهي. شيش نانگ شڪار ڪرڻ مھل پنهنجا زهر وارا ٻہ نيش (ڏند) شڪار جي جسم ۾ مڪمل طرح سان داخل ڪري ٿو. هي نيش 1.25 سينٽي ميٽر يا اڌ انچ جيترا ٿين ٿا، جيڪي نانگ جي مٿئين ڳياڙيءَ جي اندران ٻنهي اکين جي هيٺان آهن. چڪ هڻڻ مھل وات کولڻ سان نڪري اچن ٿا.
شيش نانگ هڪ چڪ ۾ 380 ملي گرام کان وٺي 600 ملي گرام زهر پنھنجي ٻنهي نيشن (ڏندن) ذريعي شڪار جي جسم ۾ داخل ڪري سگهي ٿو. ايتري مقدار جيترو زهر 30 ماڻهن کان وٺي 40 بالغ ماڻهن کي هڪ ئي وقت مارڻ لاءِ ڪافي آهي. شيش نانگ جي هن مقدار جيتري زهر ۾ هاٿي ٽن ڪلاڪن اندر مري سگهي ٿو. پر ماڻهوءَ ۾ چڪ لڳڻ کانپوءِ 8 منٽن جي اندر زهر جو اثر شروع ٿئي ٿو ۽ 30 کان 40 منٽن اندر ماڻهو مري سگهي ٿو. شيش نانگ جي چڪڻ کانپوءِ مريض ۾ هيٺيون نشانيون ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿيون. دماغ ۽ تنتي سرشتي جو مفلوج ٿيڻ سان ساھہ کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ، ڳاموڙ، اکين جا ڇپر ڳرا ٿيڻ، لڪوه، سنگهڻ ۽ چکڻ جي حس جو ختم ٿيڻ، مريض جي جسم ۾ تنتي سرشتي جي مفلوج ٿيڻ ڪري بدن جي مشڪن جو ڍرو ٿي وڃڻ، مريض کي ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي يا ڳالهائڻ بند ٿي وڃڻ خاص نشانين ۾ شامل آهن.
شيش نانگ ڪاوڙ يا امڪاني حملي مھل هيٺيون دڙ زمين تي ويڙهي مٿيون حصو اُڀو ڪري ڦڻ ڪڍي ٿو ۽ زور زور سان ڦوڪارا هڻي ٿو. شيش نانگ اڪثر ڪري لڳ مهل، شڪار ڪرڻ مهل، يا جڏهن مادي آنن تي آري تي ويٺل هوندي آهي تہ حملي ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندو آهي. شيش نانگ جي لڳ جي مند اپريل کان جولاءِ تائين رهي ٿي. شيش نانگ نر ۽ مادي اڪثر ڪري سڄي عمر هڪ ٻئي جو ساٿ نہ ڇڏيندا آهن، ايستائين جو انهن مان ڪو هڪ ڪنهن سبب جي ڪري جدا ٿي ويو هجي. شيش نانگ گهڻو ڪري پاڻيءَ وارن علائقن ۾ رهي ٿو ۽ هن جي شڪار ڪرڻ جو وقت رات جو يا صبح جو آهي.
شيش نانگ بھترين تارُو آهي ۽ پنھنجي شڪار کي جهلڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ تري سگهي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڻن تي بہ چڙهي پکين جو شڪار ڪري ٿو.
شيش نانگ جي باري ۾ ڏندڪٿائون: نانگ پنھنجي جوڻ مٽائي ٿو. پراڻي زماني کان وٺي هي ڏندڪٿا مشھور آهي تہ شيش نانگ 100 سالن کانپوءِ نانگ مان انسان ٿيو وڃي. اهڙي قسم جون هندستان ۾ فلمون بہ ٺاهيون ويون آهن، جن ۾ نانگڻ، عورت جي روپ ۾ هوندي آهي، اها مرليءَ جي ڌُن تي نچندي آهي. پر حقيقت ۾ اهو سڀ ڪجهہ تصور آهي، ڇاڪاڻ تہ ڪائنات جي هن گولي تي ڪنهن بہ جانور کي انهيءَ جي پراسراريت جي باري ۾ ايتري حيثيت نہ ملي آهي، جيتري نانگ کي ملي آهي.
نانگ هر دور ۾عبادت، جادو، ترياق، دوا طور استعمال ٿيو آهي ۽ نانگ هر دور ۾ پيار، صحت، مرض، دوا، حڪمت، امرتا، موت ۽ ڏاهپ جي علامت رهيو آهي. انهيءَ ڪري معاشري جي بنيادي جوڙجڪ ۾ نانگ جي پراسراريت، ڊپ انسان جي ذهن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي تہ سميري تهذيب، يوناني تھذيب يا مصري تھذيب ۾ يا يورپ جي قديم دور ۾ نانگ هڪ علامتي جانور رهيو آهي. ايتري قدر جو هندوڌرم ۾ نانگ کي پوڄيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي تہ انساني ارتقا دوران نانگ جي باري ۾ جادوئي ڏندڪٿائون موجود آهن. شيش نانگ جي مٿي تي مڻ يا اهڙو موتي (نانگ مني) هوندو آهي، جيڪو ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اسير ڪري سگهي ٿو. سنسڪرت ۾ نانگ مني جي معنيٰ آهي نانگ جي مڻ، جيڪا هڪ تصور کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نہ آهي.
ڇا مرليءَ جي آواز تي نانگ مست ٿي نڪري ايندو آهي، يا ان تي نچندو آهي؟ پر ائين هندي فلمن ۾ نانگ مان عورت ٿيو وڃي ۽ مرليءَ جي آواز تي نچي ٿي. اهڙي قسم جون فلمون ڏسڻ سان يقين پختو ٿيو وڃي. پر جديد سائنسي تحقيق ثابت ڪيو آهي تہ نانگ هوا ۾ ترندڙ آواز جي ڪجهہ لهرن کي محسوس ڪري سگهي ٿو، پر انهيءَ ڳالھہ کي سمجهڻ گهرجي تہ ڪڏهن ائين ٿيو هجي، جو جوڳيءَ جي مرليءَ جي آواز تي ڪنهن ڪنڊ پاسي کان مرليءَ جو مڌر آواز ٻڌي ٻيو ڪو نانگ نڪري آيو هجي.