شير خواجہ

شير خواجہ: مغل گورنرن واري دور ۾ بکر ۾ شمشير خان جي بدليءَ کانپوءِ شير خان خواجہ حڪمران مقرر ٿيو، سيد باقي خان خواجہ جي بهادريءَ جي ڪارنامن سبب اڪبر بادشاھہ کيس ’شير خواجہ‘ جو لقب ڏنو. اڪبر بادشاھہ جي وفات کانپوءِ جھانگير بہ هن کي خلعت عطا ڪئي، هن جو اصل نالو سيد بادشاھہ خواجہ هو. شاھجھان بہ هن کي چار هزار ذات (پيادل) هڪ هزار سوارن جو منصب ۽ خواجہ باقي خان جو خطاب ڏنو، پوءِ ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿيو. ان کان اڳ شير خواجہ کي جھانگير بادشاھہ 1032ھہ/1622ع ۾ بکر جو عملدار مقرر ڪيو. شير خواجہ بکر ۾ پنهنجا عملدار موڪليا ۽ پاڻ جھانگير جي خدمت ۾ رهيو. شير خواجہ جا عملدار جڏهن بکر پهتا تہ چغل خور ۽ خوشامدين ماڻهن موقعي جو فائدو وٺي هنن جا ڪن ڀريا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو شير خواجي عملدارن، اشرافن توڙي ڪميڻن سان ڏاڍا ظلم ڪيا ۽ عوام سان بہ گهڻو ناحق ڪيائين. هنن عملدارن وڏيرن جون زمينون پنھنجي قبضي ۾ آنديون ۽ مٿن ڳريون ڍلون مڙهي، ڪيترن ئي وڏيرن کي بازارن ۽ گهٽين ۾ چؤ کنڀو ٻڌي ڪاٺ چاڙهيو ويو ۽ کانئن زوريءَ اڳاڙيون شروع ڪري ڏنائون. ساڳيءَ ريت سوداگرن جي ٻيڙين تي بہ محصول مڙهيندا هئا، جيڪو کين هر حالت ۾ دستور کان ٻيڻو ٽيڻو ادا ڪرڻو پوندو هو. آخرڪار چڱن مڙسن اهي ظلم ڏسي جھانگير جي درٻار ڏانهن رخ ڪيو، جھانگير انهن ڏينهن ۾ لاهور ۾ هو. جڏهن فريادي پهتا تہ سندن دادرسيءَ کان اڳ شير خواجہ اٽڪل سان فريادين کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ۽ هرهڪ کي دم دلاسو ڏئي گذرسفر لاءِ پروانا هٿ ۾ ڏنائين، جيئن هو اڳئين دستور موجب پنهنجين زمينن تي وڃي قبضو ڪن. عملدارن جيڪي ڪجهه کانئن زوريءَ کسيو هو، سو بہ سڀ ڪنهن کي واپس ڏياريائين ۽ پنهنجن عملدارن کي قيد ۾ وجهي مٿن ڏنڊ مڙهي ڇڏيائين ۽ انهن جي جاءِ تي ٽي ٻيا عملدار بکر تي مقرر ڪيائين. نوان عملدار عوام سان سٺو هلڻ لڳا، پر ٻيڙين تان ساڳيو حد کان وڌيڪ محصول اڳاڙيو ٿي ويو ۽ سوداگرن سان ساڳيو ئي ويل هو.
شير خواجہ لاکاٽ پرڳڻي تي سيد مير عاقل کي فوجدار مقرر ڪيو. پڇاڙيءَ ۾ شير خواجہ جي چوڻ تي مير عاقل سميجن ۽ انڙن سان وڏيون جٺيون ڪيون، انهن ۾ چڪريون بہ لڳيون ۽ سميجن کي شڪست ڏنائين. سميجن جا جيڪي ماڻهو جهلجي ٿي ويا، تن کي وڪرو پئي ڪيو ويو.
‘ماثر الامراءِ’ ۾ سندس تفصيلي ذڪر ملي ٿو. ‘بادشاھہ نامہ’ مان خبر پوي ٿي تہ شاھجھان بادشاھہ پهرين رجب المرجب 1037ھہ/26 فيبروري 1628ع تي شير خواجہ کي ٺٽي جي حڪومت جو پروانو ڏنو ۽ شير خواجہ ٺٽي ايندي واٽ تي وفات ڪئي. سندس وفات جو سال 1037ھہ/1628ع آهي.


لفظ شير خواجہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1628.02.26  عيسوي

شاهجهان بادشاهه پهرين رجب المرجب 1037هه/26 فيبروري 1628ع تي شير خواجه کي ٺٽي جي حڪومت جو پروانو ڏنو ۽ شير خواجه ٺٽي ايندي واٽ تي وفات ڪئي. سندس وفات جو سال 1037هه/1628ع آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حامد علي مرزا
پارپتي ماڙيچاڻي
رياض الاسلام پروفيسر ڊاڪٽر
ثريا 1
آخوند محمد حيات حاتم
رحماني مفتي خان محمد
سوامي ڌرمداس
بھاول خان انڙ
شيخ لاڏ جيو پاٽائي
رانڪ ميان قبول محمد ڪلهوڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون