
شيرين فيروز نانا
شيرين فيروز نانا: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نامياري اديب شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي پوٽي ۽ نادر بيگ مرزا جي ڌيءَ شيرين فيروز جو جنم، 10 سيپٽمبر 1915ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. مرزا قليچ بيگ سندس ٻانگ جو نالو ‘شيرين بيگم’ تجويز ڪيو. جڏهن تہ پيار مان کيس ‘بيبي’ ۽ پوءِ ‘ادي بيبي’ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هن، جنهن ماحول ۾ پرورش پاتي، ان ۾ کيس، هڪ پاسي وڪٽوريئن دور، ٻئي پاسي مالي آسودگي، گهر ۾ سنڌي انگريزي ۽ فارسي ٻولين سان واهپو ۽ جديد طرزِ زندگي حاصل رهي. هن درسي تعليم ڪنهن اسڪول يا مڪتب مان حاصل ڪرڻ بجاءِ پنھنجي پيءُ نادر بيگ مرزا ۽ پنھنجي مڙس فيروز نانا کان ورتي. تعليم کان علاوہ اعليٰ قسم جي هٿ جي هنر جي سکيا کيس ماءُ، پڦين ۽ ماسين کان ورثي ۾ ملي. کيس روايتي زيورن ۽ ڪتابن سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي ۽ ٻين ٻولين سکڻ جو پڻ شوق هوس، فارسي، سنڌي ۽ انگريزي ٻولين سان کيس اڳواٽ واقفيت هئي، پر فرينچ، اطالوي، جرمن ۽ ترڪي ٻوليون هن پنھنجي شوق سان سکيون. ان کان سواءِ پنھنجي جارجين ڏاڏن پڙڏاڏن جي روسي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ تي بہ نهايت دلچسپيءَ سان مشق ڪيائين.هن کي جتي سھڻو ۽ سيبتو انگريزي نثر لکڻ تي دسترس حاصل هئي، اتي هن جي ٺاهيل هٿ جي هنر ۽ ڀرت جو بہ ڪو جواب نہ هو. ان جو ثبوت سندس لکيل ڪتاب ‘سنڌي ايمبرائڊري’ آهي، جيڪو ثقافت کاتي پاران ڇپرايل آهي.
سندس شادي 1933ع ڌاري سنڌ جي مشھور شخصيت ۽ تعليمدان غلام علي نانا جي فرزند جسٽس فيروز نانا سان ٿي، جنهن بعد مڙس جي نسبت سان شيرين فيروز نانا سڏائڻ لڳي. سندس مڙس واندڪائي واري وقت ۾ سنڌ جي مشاهيرن، تھذيب ۽ آرڪائيوز جو مطالعو ڪندو هو تہ پاڻ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ رهندڙ سگهڙ عورتن سان روايتي انداز واريون محفلون سجائڻ ۾ مشغول رهندي هئي. سندس مڙس سول جج جي عهدي تان ترقي ڪندي سيشن جج، جسٽس ۽ پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سربراھہ جي حيثيت ۾ اهم عهدا ماڻيا ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پنهنجا فرائض انجام ڏنائين. جنهن سبب شيرين فيروز نانا ڳوٺاڻي زندگي ۽ عورتن سان وڌ ۾ وڌ منسلڪ ٿيندي وئي.
سندس ٻيو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ‘ليٽرس ٽو ايملي’ پڻ شايع ٿيل آهي. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هن ليکڪا جي وفات 3 جنوري 1996ع تي، 80 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي، کيس، سندس آخري وصيت موجب بلند شاھہ قبرستان، ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو. سندس نياڻي پروفيسر انيتا غلام علي گهڻو وقت سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سربراھہ رهي، تازو وفات ڪري وئي آهي.
1915.09.10 عيسوي
شيرين فيروز جو جنم، 10 سيپٽمبر 1915ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو.
1996.01.03 عيسوي
شيرين فيروز نانا جي وفات 3 جنوري 1996ع تي، 80 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي