شيرين شعر

شيرين شعر

شيرين شعر

شيرين شعر (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڪشنچند بيوس جي شاعري جو مجموعو آهي. ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، ڀاڱو پهريون هيٺين عنوانن سان سرجيل شاعري تي مشتمل آهي، جھڙوڪ: قدرت وارا، ڏئي در وينتي، برسات، باغ ۽ بهار، وطن، تڏ ۽ ماکيءَ مک، ڪڙميءَ لاءِ آس، کڙکٻيتو، طوطي جي آھہ، محنت، سچائي، جانورن تي ديا (رحم) جوا، شراب، تندرستي، ٻار جي سنڀال، اسڪائوٽ، نيڪي، آڱريون ۽ منڊي وغيرہ. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾: صاحب جي ساراھہ، برادري، آسمان، بهادر، سھائي راتڙي، ڪاري گهٽا، پکي ۽ پڃرو، سنڌ سونهاري، راڻو پرتاپ، سهڪاري هلچل، ماتاگود، گلزار حياتي، ناري وديا، سادگي، محبت، پکيءَ جي پڪار، ملڪي پيار، هليا هلو، ٽٽئنڪ (Titanic)، شهسواري، شاھہ، هوت ۽ مکڙيءَ جي بيتابي جي عنوان سان اخلاقي، ناصحانه ۽ واقعاتي نظم، بيت توڙي غزل شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ هوتچند مولچندگربخشاڻيءَ جو لکيل آهي. ديباچو ميلارام واسواڻيءَ لکيو آهي. هن شعري مجموعي جو پهريون ڇاپو سندر ساهتيہ آفيس ڪراچيءَ، چندن اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد سنڌ مان 1943ع ڌاري شايع ڪرايو. جڏهن تہ هي ٻيو ڇاپو آگسٽ 2006ع ۾ گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو، رنگين ٽائيٽل سان ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب 79 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو