
شيرازيانس ڪوراڙ
شيرازيانس ڪوراڙ (Royal Snake/ Spalerosophis schrirazianus): هيءَ ڪوراڙ بلا لڳ ڀڳ 1.3 ميٽر (4.3 فوٽ) ڊگهي ٿئي ٿي ۽ پڇ جي ڊيگهہ 125 کان 130 ملي ميٽر (تقريباً 5 انچ) هوندي اٿس. جسم جو رنگ هلڪو ميٽوڙي يا ڳاڙهاڻ مائل خاڪي هوندو آهي. پٺيءَ تي هلڪي يا گهري رنگ جي چٽن جون ٽي قطارون هونديون آهن. اهي چٽ پنجاھہ کن هوندا آهن ۽ انهن ۾ ڳاڙهاڻ بلڪل بہ نہ هوندي آهي. هي ڪوراڙ عادت ۾ ڪجهہ خارباز نظر ايندي آهي. عام طور رات جو هوشيار رهندي آهي. هي ڪوئن، ڏيڏرن وغيرہ جو شڪار ڪندي آهي. هيءَ ايران، تاجڪستان، بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۽ سنڌ ۾ ڪوهستان ۾ملي ٿي.