
شيراز شهر جو ڏيک
شيراز (شھر): ايران جي صوبي فارس-اوستان جي راڄڌاني وارو هيءُ شھر ايران جي وچ ڏکڻ طرف زگروس (Zagros) جبلن جي وچ ۾ زرعي زمين تي تقريباً 4875 فوٽ (1486 ميٽر) جي ايراضي تي واقع آهي. هيءُ شھر خالص مشروبات، تاريخي ماڳن ۽ جديد طرز تعمير: مسجدن، مزارن ۽ باغن جي ڪري مشھور آهي. ان کانسواءِ هن شھر کي فارسي ٻولي جي ٻن عظيم ۽ ناميارن شاعرن حافظ شيرازي، شيخ سعدي ۽ صوفي بزرگ روز بيهان (Roozbehan) ۽ مُلا سُدرا جي جنم ڀومي طور پڻ انتهائي اهميت حاصل آهي. ٻنهي فارسي شاعرن: شيخ سعدي ۽ حافظ شيرازيءَ جون پرنور مزارون، تمام خوبصورت طرز تي شھر جي اترئين پسگردائيءَ ۾ اڏيل آهن. هي شھر قديم دور کان انتهائي اهميت جو حامل رهيو آهي. 1630ع ۽ 1668ع ۾ ٻوڏ جي تباھہ ڪارين، طاعون جي وبائي مرض، ڏڪار جي صورتحال ۽ 1824ع ۽ 1853ع جي زلزن باوجود هي شھر آباد پئي رهيو آهي. قديم دؤر ۾ هيءُ شھر 312 کان 175 ق.م، (Seleucid ) جو دؤر، پارٿين 224 ق.م دور کان 247 ق. م ۽ ساسانين جي 224ع کان 651ع تائين آبادڪاري جي لحاظ سان تمام گهڻي اهميت جو حامل هو. 13 صدي عيسويءَ جي ابتدا ڌاري منگولين هن شھر ۾ نئين مسجد ۽ فوجي قلعو ’باغ تخت‘ تعمير ڪرايو. 1387ع ۽ 1393ع ۾ ٻہ ڀيرا ترڪ فاتح تيمور هن شھر تي قبضو ڪيو، جنهن وقت هن شھر ۾ مسجد، شاھہ چراغ جي مزار ۽ هڪ عظيم ڪتبخانو هو. تيمور هن شھر کي اسلامي تعليمات جو مرڪز ۽ بغداد جي راڄڌاني مقرر ڪيو. 1724ع ڌاري افغان حملي آورن هن شھر کي فتح ڪرڻ بعد حڪومت ڪئي. 1750ع کان 1794ع تائين، هي شھر زند سلطنت (Zand dynasty) جي راڄڌاني مقرر ٿيو، جنهن جو باني ڪريم خان زند هو. جنهن شيراز شھر ۾ بيشمار عمارتون ۽ يادگار تعمير ڪرايا. سندس دور ۾ هن شھر اندر وڪيل بازار (Vakil Bazaar) جو بنياد پيو. هن شھر جو نالو 2000 ق.م جي تحرير ڪيل ميخي لکتن مان ملي ٿو. تاريخي ڪتاب فردوسي جي شاهنامي مطابق هن شھر جو نالو تيمور جي پٽ ۽ ٽئين شاھہ، ’شيراز‘ جي نالي تي رکيو ويو. هن شھر کي ’دارالعلم‘ (علم جو گهر) جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي. شيراز شھر جي جاگرافيائي لحاظ کان اهڙي بيهڪ آهي، جو فارس صوبي جا اڪثر وڏا رستا مختلف طرفن کان اچي پاڻ ۾ ملن ٿا. اهڙيءَ طرح شيراز، صوبي جي ڪيترن ئي اهم شهرن سان بہ ڳنڍيل آهي. جن ۾ ‘سيراف’، ‘جزيره ڪيس’، ‘جزيره هرمز’ وغيرہ شامل آهن. ساڳئي وقت انهن رستن تي ڪوار، فيروزآباد، ڪار زين، لانر، فارياب وغيرہ پڻ آباد آهن. ان کان سواءِ خوزستان، اصفهان، يزد، بايڪ وغيرہ ڏانهن پڻ شيراز کان وڃي سگهجي ٿو.
هن شھر جون ٽي مسجدون مشھور آهن: جامع عتيق، نئين مسجد ۽ مسجد سنقر. ان کان سواءِ شيراز ۾ وقت جي ڪيترن ئي اوليائن جون مزارون پڻ آهن. انهيءَ ڪري هن شھر کي ‘برج اولياءَ’ جي نالي سان بہ سڏيندا آهن. موجودہ وقت ۾ هيءُ ايران جو ڇهون وڏو شھر ۽ فارس صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي. 2009ع جي آدمشماريءَ موجب هن شھر جي آبادي 1,455,073 (گهٽ وڌ) آهي. هي شهر، سيمينٽ جي ڪارخانن، کنڊ، ڪپڙي، ڌاتوگريءَ، ڪاٺ جي ڪم، ڪيميائي ڀاڻ ۽ تيل جي صفائي وارين صنعتن جو اعلى مرڪز آهي.