شيخ پراڙ: شيخ پراڙ سمن جي دور جو شاعر هو، شاھہ ڪريم جي ملفوظات ۾ جيڪو ڌاريو ڪلام آهي، انهيءَ ۾ قاضي قادن جي بيتن کانسواءِ بہ 9 بيت شامل آهن، جن مان ٽي بيت شيخ پراڙ جا آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي تحقيق ۾ ائين ڄاڻايو آهي، جن مان سندس هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:
چندن چور ڪريندي، رتومھہ ڪهاڙ،
سڄڻ ڄڻ نہ ٿئي، جي رسي سؤ وار،
پروڙيون پراڙ، تہ ڪرهيندي قرب ٿئي.