
شيخ نوح هوٿياڻيءَ جي درگاهه جو ٻاهريون ۽ اندريون ڏيک
شيخ نوح هوٿياڻيءَ جي درگاھہ: هيءُ درگاھہ حضرت نوح هوٿياڻي عرف کيبرائي (تحفة الڪرام جي بيان موجب) جي آهي، جيڪا کنڊُو ۽ کيبر جي وچ ۾ نيشنل هاءِ وي تي هن بزرگ جي نالي سان منسوب ڳوٺ نوح هوٿياڻيءَ ۾ واقع آهي. ڪن تاريخي ڪتابن ۾ سندس نالو نوح هوٿياڻي اول قريشي هاشمي ڄاڻايل آهي. درگاھہ جي هڪ ديوار تي درج ٿيل تاريخ مطابق کيبر واري جنگ دوران ڪجهہ غير مسلم جنگجوئن سنڌ ڏانهن ڀڄي اچي هن علائقي ۾ پناھہ ورتي ۽ وڏي پئماني تي آبادڪاريءَ بعد هن علائقي تي کيبر نالو رکيو. حضرت نوح هوٿياڻي کي حضور پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم خواب ۾ بشارت ڏني تہ هوءَ هن علائقي ۾ اچي دين اسلام جي تبليغ ڪري. سندس آمد ۽ تبليغ جي نتيجي ۾ سڀني غير مسلمانن اسلام قبول ڪيو. هن بزرگ 200 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. سندس عرس هر سال 29 صفر تي ملهايو ويندو آهي. حضرت نوح هوٿياڻي جو فرزند شاھہ يقين پڻ اعليٰ پايي جو بزرگ ٿي گذريو آهي ۽ ساڳي درگاھہ ۾ پنھنجي پيءُ ڀرسان دفن ٿيل آهي. هيءَ درگاھہ ويجهڙائي ۾ ضلعي حڪومت طرفان نئين سر تعمير ڪئي وئي آهي. درگاھہ جي بناوت ۽ جوڙجڪ روايتي درگاھہ جهڙي آهي. چورس ماپ جي هن مقبري جي ٻاهرين ديوارن تي چؤڌاري نوڪدار ونگ ۽ چورس بلاڪن جا طاقچه ڏنل آهن، ڇت تي ڪاشيءَ جي سرن سان ڪانس ٻڌل آهي ۽ چئني ڪنڊن تي هڪ هڪ مينار ڏنل آهي، جن مٿان گنبذڙيون ۽ نيل پڻ رکيل آهن. اهي چار ئي مينار ڪاشيءَ جي ٽائلز سان سينگاريل آهن. ڇت مٿان اٺڪنڊو ڳچ آهي، جنهن کي چؤطرف ڪاشيءَ جا ونگ ڏنل آهن. مٿان وري گول گنبذ آهي، جنهن تي نيل ۽ ڪوڻيءَ جي ابتي گل کانسواءِ ٻيو ڪوبه جنسار ٿيل ڪونه آهي.. مقبري جو اندريون حصو نهايت سادو آهي. حضرت نوح هوٿياڻي ۽ سندس پٽ شاھہ يقين جي مزار هڪ ننڍي ٿلهي تي آهي. مؤرخن جي راءِ موجب حضرت نوح هوٿياڻي، حضرت مخدوم نوح سرور جو پيروڪار ۽ اويسي مڪتبهء فڪر جو مبلغ هو. کيبراڻي ڳوٺ (موجودہ کيبر) ۾ سندس آمد اٺين صدي ڌاري ڄاڻائي وئي آهي. هن مقبري تي مقامي ماڻهن سميت سڄي سنڌ مان ماڻهو ڪثير تعداد ۾ اچي عقيدت ۽ احترام سان حاضري ڀريندا آهن.