شيخ مومل

شيخ مومل

شيخ مومل

شيخ، مومل: پاڪستان ٽيليويزن جي مشھور ماڊل ۽ اداڪارہ مومل شيخ، 6 اپريل 1986ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جاويد شيخ بہ پاڪستان فلم انڊسٽري ۽ ٽي. وي جو ناميارو اداڪار ۽ ڊائريڪٽر آهي. مومل جي والدہ زينت منگي، سکر جي مشھور منگي خاندان سان تعلق رکي ٿي، جيڪا پڻ ڪنهن وقت ٽيليويزن تي اداڪاري ڪندي هئي. مومل جي پرورش هڪ پڙهيل لکيل ۽ فن سان لاڳاپيل گهراڻي ۾ ٿي، جنهن سبب کيس فني صلاحيتون ورثي ۾ مليل آهن. هن پنھنجي فني سفر جي شروعات فيشن انڊسٽري ۾ بحيثيت ماڊل جي ڪئي. ان کان پوءِ هن پنھنجي فنڪارانه صلاحيتن جي مڃتا لاءِ پاڪستان جي مختلف ٽي. وي چئنلز تي نشر ٿيندڙ ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري ڏسندڙن ۾ گهڻي شھرت ماڻي، انهن ڊرامن ۾: ‘مجهي خدا په يقين هي’، ‘اعتراف’، ‘يه زندگي هي’، ‘مرات العروس’، ‘ايڪ معمولي لڙڪي’، ‘قدورت’، ‘فريڪوئنسي’، ‘خوبصورت’، ‘ذارا اور مهرالنساء’ ۽ ٻيا شامل آهن. هيءَ هن وقت هڪ چئنل تي تمام مشھور شو ‘صبح سويري سماء ڪي ساٿ’ ۾ ڪمپيئرنگ جا فرائض ڏئي رهي آهي. سندس شادي 2012ع ۾ نادر نالي شخص سان ٿي.هن وقت لاهور ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1986.04.06  عيسوي

پاڪستان ٽيليويزن جي مشهور ماڊل ۽ اداڪاره مومل شيخ، 6 اپريل 1986ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لالسنگهہ اجواڻي
شيخ قائم خان خانبهادر
ابن خلدون
عبد بن حميد
عارف سنائي مخدوم
آر اي شاھہ
اين ڊي جتوئي
رحمت مائي
شاھہ اسد 1
جروار عزيز ﷲ ڪامريڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون