شيخ محمد حيات سنڌي

شيخ، محمد حيات سنڌي : مشهور، عالم، محدث ۽ مجتهد شيخ محمد حيات سنڌي عربستان ۾ تدريسي خدمتون ڏيندڙ سنڌي عالم ۽ محدث ٻارهين صدي هجريءَ/ ارڙهين صدي عيسويءَ جي اهم شخصيت ٿي گذريو آهي، جنهن فقه، حديث ۽ دين جي ٻين علمن ۾ عالمگير شھرت حاصل ڪئي ۽ عربستان سميت هند، سنڌ، يمن، شام، فلسطين، ترڪي،روم ۽ ٻين ملڪن جا شاگرد پيدا ڪيا.
امام شيخ محمد حيات سنڌي ذات جو چاچڙ هو، گهوٽڪيءَ ڀرسان عادلپور جي ڳوٺ ’دڙي تغان‘ ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو ملان ڦلاريو هو، پر ڪي محقق سندس نالو محمد ابراهيم بہ لکن ٿا. محمد حيات سنڌيءَ جي ابتدائي تعليم بابت علامہ مراديءَ عربيءَ ۾ لکيو تہ ڳوٺ ۾ پڙهڻ بعد ٺٽي ۾محمد معين بن محمد امين ٺٽويءَ وٽ پڙهندو رهيو، بعد ۾ هجرت ڪري حرمين شريفين پهتو ۽ ڦوھہ جوانيءَ ۾ سنڌ ڇڏيائين. سڄي حياتي مديني ۾ رهيو.
تحفة الڪرام’ جي ليکڪ علي شير قانع ٺٽوي موجب شيخ محمد حيات سنڌيءَ کي مديني ۾ بہ مدرسو هو، ٻين شاگردن سان گڏ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي (صغير) بہ وٽس حديث جا ڪتاب پڙهيو. مديني پهچڻ بعد محمد حيات سنڌي حج جي فرضن کان فارغ ٿي، مخدوم ابوالحسن بن عبدالهادي ڪبير سنڌيءَ وٽ وڌيڪ علم حاصل ڪيو، بعد ۾ مديني جي ٻين عالمن کان بہ حديث جي سَنَد حاصل ڪئي. سندس استادن ۾ شيخ عبدالله بن سالم بصري، شيخ ابو طاهر بن ابراهيم مدني، شيخ حسن علي علي العجيبي، شيخ ابوالمڪارم محمد نقشبندي، مخدوم ابوالحسن ڪبير، مخدوم معين ٺٽوي ۽ شيخ احمد بن النفلي وغيرہ بہ شامل هئا.
محمد حيات سنڌي تقويٰ جي وڏي مرتبي تي پهتل هو، وقت جو يگانو عابد هو، شريعت جو پابند، ماٺيڻو ۽ تنھائي پسند هو. مسجد نبويءَ ۾ فجر نماز کان پهرين سندس درس ٻڌڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. هن عظيم محدث 24 سال پنھنجي استاد جو ڇڏيل مدرسو ڪاميابي سان سنڀاليو ۽ ڪنهن آڏو هٿ نہ ڦهلايو.
شيخ محمد حيات سنڌي شرڪ ۽ بدعت جو سخت مخالف هو. شيخ محمد حيات سنڌيءَ جي تعليمات ۽ تربيت کان پوءِ ئي محمد بن عبدالوهاب نجديءَ، شرڪ، بدعت ۽ جاهلاڻي رسمن خلاف تحريڪ هلائي، جا بعد ۾ وهابي تحريڪ، نجدي تحريڪ ۽ تحريڪ الاصلاح جي نالي سان مشھور ٿي، پر جتي بہ شيخ عبدالوهاب شدت پسندي اختيار ڪندو هو اتي کيس سندس استاد تنبيھہ ڪندو هو. حق گوئي ۾ شيخ محمد حيات سنڌي پنھنجي استاد مخدوم معين ٺٽويءَ کي بہ سچ چئي ڏيندو هو ۽ ان جي خلاف هڪ رسالو لکيائين. سندس حق گوئيءَ جي جهلڪ ڪتاب ’فتح اللطيف‘ ۾ نظر اچي ٿي، جنهن ۾ هن پنھنجي دور جي صوفي سڏائيندڙ گادي نشينن تي تنقيد ڪئي آهي.
ابوالحسن ڪبير جي وفات کانپوءِ شيخ محمد حيات مديني ۾ مدرسة الشفا نالي مدرسو سنڀاليو. هو مسجد نبويءَ ۾ درس حديث ۽ وعظ فرمائيندو هو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. سندس شاگردن جو تعداد سَوَن ۾ آهي. مشھور عالمن ۾: شيخ احمد بن عبدالرحمان، شيخ محمد سعيد صغير، شيخ عبدلقادر خليل ڪدڪ، سيد عبدالقادر بن احمد، سيد غلام علي آزاد بلگرامي، شيخ محمد فاخر آبادي، ابوالحسن صغير، شيخ غلام حسين ٺٽوي مدني وغيرہ شامل آهن. ’تحفة الڪرام‘ جي مصنف کيس مجددن ۾ شمار ڪيو آهي. مولانا فاخر آبادي سندس تعريف ۾ ’مثنوي زائر‘ ۾ وڏو نظم بہ لکيو آهي. شيخ محمد حيات سنڌي عام ماڻهن کي عمل بالحديث جي دعوت ڏني ۽ ان بابت هڪ رسالو بہ لکيائين. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ سان ڪن مسئلن تي سندس مناظرا بہ ٿيندا رهيا.
نامور اسڪالر ڊاڪٽر فھميدہ حسين جي مرتب ڪيل ڪتاب ‘شاھہ ۽ سنڌ’ جلد ٻئي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان سڌايي، شيخ محمد حيات سنڌيءَ کي شاھہ لطيف جو همعصر ڪري لکيو آهي ۽ لکي ٿو ته، “ڀٽائيءَ جي اچ وڃ روهڙيءَ ۾ ميان جان رضوي ۽ گهوٽڪيءَ ۾ ميان محمد موسيٰ شاھہ جيلانيءَ وٽ ٿيندي رهندي هئي. ان ڪري امڪان آهي تہ سندس ملاقات ڀٽائيءَ سان بہ ٿي هجي.”
شيخ محمد حيات سنڌيءَ جي تصنيفن جو وڏو تعداد آهي. انهن جو عنوانن موجب ذڪر ڪجي ٿو:
حديث بابت: (1) تحفة المحبين شرح الاربعين النوويه، (2) شرح الاربعين ملا علي القاري، (3) شرح الترغيب والترهيب، (4) مسند ابي الحسن، (5) رسالة الاحاديث المسلسلة، (6) تحفة الانام بحديث النبي عليہ الصلواة والسلام، (7) الوجازة في الاجازة لڪتب الحديث مع ذڪر بعض الاحاديث المسلسة.
وعظ ۽ نصائح : (8) زادالمتقي والمهتدي، (9) شرح قصيدة السيد عبدالله علوي الحداد، (10) مختصر الزواجر، (11)شرح الحڪم الحداديه، (12) شرح الحڪم العطائيه، (13) رسالة النهي عن عشق المرد والنسوان (عشق مجازيءَ تي رد).
عقائد: (14) الجنة في عقيدة اهل السنة، (15) مقدمة في العقائد، (16) العون في ڪشف حال فرعون.
فقہ ۽ اصول فقہ: (17) الايقاف علي سبب الاختلاف، (18) ارشاد النقاد الي تيسر الاجتهاد، (19) رسالة في القتداءِ بالمخالف، (20) البشارة لاهل الاشارة، (21) تحريم الاجارة علالعبادة، (22) رسالة في تحريم الدخان، (23) فتح الغفور في وضع الايدي علي الصدور، (24) رسالة في وضع اليدين علي الصدور، (25) درة في اظهار غش نقد الصرة، (26) رسالة في ڪراهية الاختضاب بالسواد، (27) رسالة في وجوب اعفاءِ اللحية،
ردود ۽ مباحثات: (28) فح اللطيف في اجو بة اسئلة الشريف، (29) رد الحجة الجليلة في در من قطع بالفضيله، (30) اظهار غين قرة العين في البڪاءِ علي الحسين، (31) رد رسالة الشيخ محمد معين التتوي في مسئلة فدڪ وارث الانبياءَ، (32) اتخاذالماتم من الماثم، (33) ردبدعة التعزيه، (34) رسالة ابطال الضرائح، (35) رسالة رد التوابيت، (36) رسالة قطع النزاع، (37) الرقضة في ظھر الرفضة، (38) رد مواحب سيد البشر.
تصوف بابت: (39) الانوار المحمدية في اسرار النقشبنديه، (40)
رسالة في التصوف، (41) الاعانة الصمدية في طريق النقشبنديه،
(42) رسالة في الاسئلة والاجوبة.
منسوبات: (43) غاية التحقيق ونهاية التدقيق، (44) حليه الانوار،
(45) المسائل، (46) الربيع، (47) محوالموهوم، (48) شرح تيسير الوصول.
انهن تصنيفن کان سواءِ شيخ محمد حيات سنڌيءَ جا انيڪ قلمي نسخا دنيا جي مختلف ڪتب خانن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، ڪي سندس پوين وٽ بہ محفوظ رهيا.
(حوالو: ڪتاب شيخ محمد حيات سنڌي، سنڌي ادبي بورڊ 2009ع)
شيخ محمد حيات سنڌي جيئن تہ جوانيءَ ۾ ئي مديني هجرت ڪري ويو، ان ڪري سندس شادي بہ مديني ۾ ٿي. مؤرخن کي اهو معلوم نہ ٿي سگهيو تہ سندس اهليه عربي هئي يا عجمي. هن وقت جيڪي شيخ صاحب جي پونيئرن مان بزرگ مديني شريف ۾ آباد آهن، يا ڪي ويجهڙائيءَ ۾ وفات ڪري ويا، اهي ڪيترن ئي پيڙهين کان ’الملا‘ جي لقب سان مشھور آهن ۽ مديني ۾ سرڪاري عهدن تي رهندا پيا اچن. جن مان عبدالقادر الملا ڪجهه سال اڳ وفات ڪئي، جيڪو مسجد قبا جو خطيب ۽ امام هو. هن وقت سندس فرزند احمد الملا بہ ماذون شرعي (رجسٽرڊ نڪاح خوان) ۽ مديني ۾ هڪ تعليمي اداري ۾ استاد آهي. شيخ محمد حيات سنڌيءَ کي اڪثر سوانح نگارن حنفي مذهب جو لکيو آهي. عربستان ۾ ديني علم جا درس ڏيندڙ هن مايہ ناز سنڌي عالم 1163ھہ/ 1750ع ۾ وفات ڪئي. کيس جنة البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. سندس آخري آرامگاھہ واري علائقي جو نالو ئي ’مقبرة الشيخ محمد حياة السندي‘ ٿي ويو. سندس وفات کانپوءِ سندس مسند تي مخدوم ابوالحسن صغير کي ويهاريو ويو. سندس خدمتن ۽ سوانح تي سنڌ جي نوجوان اسڪالر ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريي ’شيخ محمد حيات سنڌي‘ عنوان هيٺ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي، سندس مقالو سنڌي ادبي بورڊ پاران 2009ع ۾ڪتابي صورت ۾ شايع پڻ ٿيو آهي.


لفظ شيخ محمد حيات سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو