شيخ محمد بخش

شـيـخ، محـمد بخـش: نامياري حڪيم، سگهڙ ۽ سيلاني سياح محمد بخش شيخ 1909ع ڌاري نئين ديري ڀرسان پير جي ڳوٺ، تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن پنھنجي ڳوٺ مان چار درجا پرائمري تعليم حاصل ڪئي، جنهن بعد سندس ڳوٺ جي مشھور حڪيم سيد ڀورل شاھہ راشديءَ کيس پنھنجي دواخاني تي رکيو. جنهن بعد سندس حڪمت سان دلچسپي وڌڻ لڳي. فقير محمد بخش پنھنجي ٻالڪپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين حڪمت جي ڌنڌي سان سلهاڙيل رهيو ۽ انهي فن ۾ مهارت حاصل ڪري ورتائين، پر اڳتي هلي سندس ملاقات جگلار نالي هڪ سنياسيءَ سان ٿي ۽ ان جي صحبت ۾ ويراڳي ٿي ووڙيندو، جبل جهاڳيندو ۽ سير سفر ڪندو رهيو، جنهن دؤران ڪڇ، ڀڄ، جيسلمير، دهلي ۽ ٻين هنڌن جو سير ڪيائين. شاديءَ کان پوءِ فقير محمد بخش سير سفر کي ترڪ ڪري مڪمل طور تي پنھنجي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، پر تنهن هوندي بہ هر سال لاهوت لا مڪان ڏي زيارت لاءِ ضرور ويندو هو، ان کانسواءِ ڀٽائي سرڪار ۽ شھباز قلندر جي درگاهن جو بہ پانڌيئڙو هو.
محمد بخش شيخ کي لوڪ ادب سان بہ گهري دلچسپي هئي، کيس لوڪ ادب جي هر صنف تي مڪمل دسترس حاصل هوندي هئي، پنھنجي ڳوٺ ۾ هر مهيني جي هڪ مقرر تاريخ تي رات جو سگهڙن جي ڪچهري ۽ راڳ محفل پنھنجي خرچ تي ڪرائيندو هو، جنهن ۾ پري پري جا سگهڙ اچي شريڪ ٿيندا هئا. پاڻ هميشہ ڪاري ويس ۾ ملبوس هوندو هو، وٽس ڪوبه بيمار کانئس علاج وٺڻ ايندو هو تہ ان کان ڪنهن بہ قسم جو معاوضو نہ وٺندو هو.
محمد بخش شيخ جولاءِ 1981ع ۾ وفات ڪئي، سندس شخصيت ۽ فن تي هڪ ڪتاب ’اوکا پنڌ پهاڙ جا‘ جي عنوان سان نامياري شاعر قاضي مقصود گل ترتيب ڏنو آهي.


لفظ شيخ محمد بخشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو