شيخ محمد اُچي،قاضي: ‘تحفة الڪرام’ جي مصنف مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکيو آهي تہ قاضي محمد اُچي آلِ جعفر ڏانهن منسوب ۽ وقت جي مشھور عالمن مان هو. ڄام نظام الدين جي دور ۾ جڏهن سيد ميران محمد مهدي جونپوري ٺٽي آيو ۽ وقت جي عالمن مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني، تڏهن هن قاضيءَ ان وليءَ جي تڪفير سان تعلق رکندڙ ظاهري عالمن جي دليلن کي رد ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هيءُ پاڻ ڄاڻو ۽ اهل حال جي مقام کان واقف هو. سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ هن جي حال ڏانهن توجھہ ڏني ۽ سندس اولاد ۾ بزرگي ۽ سرسبزي قائم رهڻ جي دعا ڪئي. قاضي سيد شڪر ﷲ شيرازيءَ جڏهن ٺٽي جي قضا تان استعيفا ڏني، تہ مرزا شاھہ حسن ارغون قاضي شيخ محمد اُچي کي گهرائي، ان عهدي تي مقرر ڪيو. ان کان علاوه، هن بزرگ کي 936ھہ/ 1529ع ۾ همايون بادشاھہ طرفان پالڪي ملي. ان پالڪيءَ ۾، اڄ ڏينهن تائين، سندس خاندان جو جاءِ نشين هر سال عيد جي موقعي تي چڙهندو آهي. هن وقت سترهون پالڪي نشين قاضي غلام علي (ثاني) آهي.
قاضي شيخ محمد اُچي کي ٻہ فرزند ٿيا، هڪ قاضي شيخ احمد ۽ ٻيو قاضي شيخ فريد، قاضي شيخ احمد وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي.