شيخ محمد اسلم 2

شيخ، محمد اسلم 2: محمد اسلم ولد حاجي رضا محمد شيخ پهرين مئي 1951ع تي شھدادڪوٽ شھر ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم شھدادڪوٽ مان ورتائين. بي. ايس. سي ۽ ايل. ايل. بي سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ادارن مان پاس ڪيائين. محمد اسلم پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات استادي پيشي سان ڪئي، پاڻ 1971ع کان 1973ع تائين ٻہ سال ميونسپل هاءِ اسڪول شھدادڪوٽ ۾ سائنس ٽيچر رهيو. ان بعد وڪالت شروع ڪيائين، نومبر 1995ع تائين وڪيل رهيو ۽ 1995ع ۾ وڪالت دوران ڪميشن پاس ڪري ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج مقرر ٿيو. شيخ محمد اسلم 1970ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتو، کيس مضمون نگاريءَ سان گهڻو لڳاءُ هو. سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوہ شھدادڪوٽ شھر بابت سندس هڪ ڪتاب ’شاداب شھدادڪوٽ‘ ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ شھر بابت هر قسم جي ڄاڻ مختصر نموني سان ڏني وئي آهي. ان کان علاوہ شھدادڪوٽ شھر بابت هڪ ٻيو ڪتاب ’شھدادڪوٽ سونو ڪوٽ‘ جي نالي سان پڻ لکي چڪو آهي، ان کان علاوہ مختلف موضوعن، جھڙوڪ: سيوهڻ جون يادون، سول قانون جو سنڌيءَ ۾ مختصر تعارف ۽ اتر ۽ لاڙ جي ٻولين ۾ فرق جو مشاهدو نالي ڪتاب پڻ لکيا اٿس. محمد اسلم شيخ سماجي ڪمن ۾ بہ ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهي، پاڻ هڪ سٺو مصنف، بھترين استاد، سماجي ورڪر پڻ رهيو آهي. انهن خدمتن جي مڃتا طور کيس وزارت سماجي بھبود طرفان اوارڊ پڻ ملي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.05.01  عيسوي

محمد اسلم ولد حاجي رضا محمد شيخ پهرين مئي 1951ع تي شهدادڪوٽ شهر ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امداد محمد شاھہ
لالي
غلام قادر شاھہ لڪياري سيد
دلشاد چاوڙو
جھانگير خان
رضوي سيد امداد علي شاھہ
مير مير محمد خان ٽالپر
امام بخش شمس
راهب فقير
شگفتہ جماڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون