شيخ فريد جو مقبرو: هي مقبرو غله بازار جي ويجهو ٺٽي شھر ۾ آهـي. هـي بزرگ مـرزا عـيـسيٰ جـي شـروع وارن سالن 962 هجريءَ ۾ پورچـوگـيـز طرفان ٿيل ٺٽي واري حملي ۽ ڦرلٽ ۾ شھيد ٿيو. اڳين عمارت جي جاءِ تي هاڻي نئين عمارت ٺهرائي وئي آهي، جنهن تي سن شهادت 658 هجريءَ لکيو ويو آهي، جيڪو غلط آهي.
ڪتاب ‘تحفة الطاهرين’ جو منصف لکي ٿو ته، “شيخ نويد، جيڪو باطني ڪمالات کان سواءِ ظاهري علمن ۾ بہ يگانو هو، ۽ 963 ھہ ۾ فرنگين هٿان شھيد ٿيو. سندس مزار غله بازار ۾ آهي.”