شيخ رحمت ﷲ ٺٽوي : رحمت ﷲ ولد شيخ عزت ﷲ شاعر فاضل، عالم ۽ عاقل هو. پنھنجي والد کان پوءِ سندس منصب تي ٺٽي جي نوابن جو وڪيل ٿيندو رهيو. فارسي نثر جو زبردست انشاءپرداز ۽ سنجيدہ شاعر هو. مير علي شير قانع (وفات 1203ھہ/1788ع) لکي ٿو تہ هو سندس همعصر ۽ گهاٽو دوست هو. مقالات شعراء (سنڌ جي فارسي گو شاعرن جي تاريخ) سندس ترغيب يا خواهش تي لکيو ويو. هو گفتگوءَ دوران ڪيتريون مصرعون موزون چوندو هو. هن جي تقرير ڄڻ تہ انشا پردازي هئي پر شاعريءَ جي واديءَ جو گهٽ سفر ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو بيت يا غزل موزون ڪندو هو ۽ ’سرشار‘ تخلص قبول ڪيو هئائين. سندس وفات جو سال معلوم نہ آهي، مير علي شير جي همعصر هجڻ ڪري ٻارهين صدي جي عالمن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.