
شيخ بايد جي درگاهه جا آٽار
شيخ بايد جي درگاھہ: هن بزرگ بابت ڪو پڪو احوال ڪو نہ ٿو ملي، پر هڪ روايت آهي تہ پاڻ ڪنهن ٻاهرئين ملڪ مان هتي واپار سانگي آيو هو ۽ هتي ئي وفات ڪيائين. نصرپور جو اصل پراڻو شھر بہ سندس قبي وٽ آباد هو. اتر کان ڏکڻ طرف شھر جي وڏي آبادي هئي. هن بزرگ جو قبو نصرپور شھر جي اتر ۾، اٽڪل سوا ميل کن جي پنڌ تي آهي. هن وقت مقبرو زبون حالي جو شڪار آهي. پڪين سرن سان اڏيل مقبري تي هن وقت ڪو بہ پلستر ٿيل ڪو نہ آهي، نہ وري اهڙا نشان ملن ٿا تہ ڪو لنبيل هو. مقبري تي گنبذ جا بہ نشان بيٺا آهن. ڪانس سراسر بيٺل آهي، جنهن تي جنسار جا نشان آهن، جنهن مان سمجهجي ٿو تہ هي مقبرو شاندار هوندو. هينئر جتان ڪٿان سرون کاڄي ويون آهن.