شيث عه

شيث عه: حضرت آدم عليہ السلام جو ٽيون نمبر پٽ حضرت شيث عليہ السلام. لفظ شيث جي معنيٰ آهي جي بخشش يا عطا يعني ڏات.حضرت شيث، هابيل جي قتل ٿيڻ بعد پنجن سالن کانپوءِ ڄائو، جڏهن سندس پيءُ آدم عليہ السلام جي عمر 120 سال هئي ۽ جڏهن قابيل، هابيل کي ماري وڌو تہ آدم عليہ السلام کي ان جو گهڻو صدمو رسيو، ان ڪري تعالى ان کي نعم البدل طور پٽ ڏنو. ان مناسبت سان ان جو نالو شيث عليہ السلام يعني تعالى جو عطيو رکيائين. ابنِ اثير جي سمجهاڻي مطابق شيث عه تعالى جو نبي هو، جنهن تي پنجاھہ صحيفا نازل ٿيا. حضرت آدم عليہ السلام پنھنجي فوت ٿيڻ کان اڳ کيس پنهنجو وارث ۽ وصي مقرر ڪيو هو. هي شيث عه ئي هو، جنهن کان انساني نسل هليو. ڇو تہ هابيل بنا اولاد جي قتل ٿي ويو ۽ قابيل جا سڀ وارث ٻوڏ ۾ ٻڏي مري ويا. اُن انهن صحيفن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو، جيڪي هن تي ۽ سندس والد حضرت آدم عليہ السلام تي لٿا. ان ڪعبة شريف کي پٿرن ۽ چيڪي مٽي سان ٺاهيو. ان جي وفات کانپوءِ سندس پُٽ ‘انوش’ اُن جي پڳ سنڀالي. سندس عمر 921 سال ٻڌائي وڃي ٿي. حضرت آدم کي ڏاڙهي نہ هئي ۽ حضرت شيث کي ڏاڙهي هئي ۽ کيس ‘اورپا’ بہ سڏيو ويندو هو. انهيءَ سرياني لفظ جي معنيٰ ‘استاد’ ڪئي وڃي ٿي.


لفظ شيث عهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو