شو مندر ملير

شو مندر ملير

شو مندر ملير

شو مندر ملير: هيءُ مندر ڪراچيءَ ۾ اڳوڻي ڊرگ روڊ ۽ اڄوڪي شاهراھہ فيصل تي، ملير ضلعي جي سيشن ڪورٽ جي سامهون، روڊ جي ٻئي طرف موجود آهي. مندر وارو علائقو ملير مندر سڏجي ٿو. هيءُ نهايت آڳاٽو مندر سمجهيو ويندو آهي. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ هن مندر جي ڀرپاسي ۾ آسو مل نالي هڪ هندوءَ جا وڏا باغ هوندا هئا، تنهنڪري هي علائقو ‘آسو مل جو ڳوٺ’ سڏيو ويندو هو. مندر ۾ تڏهن بہ پوڄا پاٺ ڪئي ويندي هئي. مندر جي عمارت نهايت عاليشان ۽ خوبصورت آهي، جنهن جي گهڻن حصن تي اڄڪلھہ قبضا ٿي ويا آهن، جڏهن تہ مندر جي باقي بچيل مکيہ عمارت بہ غير محفوظ حالتن کي منهن ڏئي رهي آهي. مندر جي اڪثر حصن تي هن وقت هندستان کان لڏي آيل ماڻهن جو قبضو آهي، جن مندر جي احاطي ۾ مسجد قائم ڪئي آهي. مندر ۾ هڪ ڌرم شالا، کوھہ ۽ عمارت جا ٻيا بہ حصا هئا، جن جو هن وقت نشان ڪونه ٿو ملي. باقي عمارت اڃا تائين ڪنهن حد تائين سالم آهي.
مندر جي اڏاوت خوبصورت عمارت سازيءَ جو نادر نمونو آهي، جنهن تي ڪيل چٽسالي ڏسڻ وٽان آهي. مندر جي ڀرپاسي هندن جون ٺهرايل پنجن قسمن جي پٿرن جون جڳهون پڻ نهايت خوبصورت آهن، انهن تي بہ هندستان مان لڏي آيل ماڻهن قبضو ڪري رهائش اختيار ڪئي آهي. بابري مسجد واري واقعي وقت هن مندر ۾ ڀڃ ڊاھہ ڪري مندر ۾ موجود تاريخي شين کي پڻ مٽايو ويو هو. مندر جي عمارت ٽه ماڙ آهي، جنهن جي مٿان شڪارو بہ ٺهيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو