شوڪت گل

شوڪت گل

شوڪت گل

شوڪت گل (راڳي): شوڪت گل جو جنم 12 جون 1975ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو، سندس والد ماسٽر فيروز گل نامور موسيقار ٿي گذريو آهي. جڏهن تہ سندس وڏو ڀاءُ امانت گل پڻ وڏو موسيقار هو. شوڪت گل جو روحاني استاد ڪشور ڪمار آهي، جنهن کان متاثر ٿي هن ڳائڻ جي شروعات ڪئي. شوڪت گل موسيقيءَ جي شعبي ۾ شروعات پنھنجي والد فيروز گل جي وفات کانپوءِ 1996ع ۾ ڪئي. پهرين محفل سيد جمال شاھہ بخاريءَ جي درگاھہ تي ڪيائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس ڀاءُ امانت گل وٺي ويو، جتي کيس نامور اديب ۽ براڊڪاسٽر نصير مرزا متعارف ڪرايو. 1999ع ۾ پي. ٽي. وي سينٽر ڪراچيءَ تي متعارف ٿيو. سي. ڊي فلمن: جھڙوڪ وطن يا ڪفن (سورهيه بادشاھہ جي ڪهاڻي) جنگ، حقدار جا گانا البم جي صورت ۾ سندس آواز ۾ امانت گل ڪمپوز ڪيا هئا. هن فرح شاهين سان ڊيوٽ ۾ هڪ البم پڻ تيار ڪيو، جنهن جو شاعر علي اڪبر شائق هو. سنڌ ٽي. وي جي ڊرامن: ‘آس’، ‘مسٽر فراڊي’ ۽ ‘اشتهاري گهوٽ’ جا ٽائيٽل گانا ڳايائين. هن سنڌ ٽي. ويءَ تي شيخ اياز جي شاعري بہ ڳاتي. 23 مارچ 2010ع تي سندس پٿريءَ جي آپريشن کان پوءِ سندس هيٺيون ڌڙ ناڪارہ ٿي پيو، جنهن ڪري معذوريءَ واري حالت ۾ ويل چيئر تي زندگي گذاري رهيو آهي.


لفظ شوڪت گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.06.12  عيسوي

شوڪت گل جو جنم 12 جون 1975ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صوفي آزاد فقير
زينت شيخ
شادي فقير
اڪرم علي ملاح
غلام علي سنديلو
منظور سخيراڻي
سينگار علي سليم
طاهرہ سيد
استاد خورشيد علي خان
رفيق فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون