شوڪت سنڌي

شوڪت سنڌي

شوڪت سنڌي

شوڪت سنڌي: شوڪت سنڌيءَ جو اصل نالو شوڪت علي ولد محب علي قريشي هو، سندس جنم 3 جنوري 1939ع تي دادوءَ ۾ ٿيو. سندس والدين اصل ڳوٺ اميناڻي ضلعي دادوءَ جا رهواسي هئا، شوڪت سنڌيءَ پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول دادو مان، مئٽرڪ ۽ انٽر داود مان بي. اي ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي ۽ ايل. ايل. بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. هن 1963ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دادو شاخ قائم ڪئي ۽ ان جو سيڪريٽري ٿيو، ان دوران هن دادوءَ شاخ جي پليٽ فارم تان ’سنڌي ٻوليءَ جو ڏينهن‘ ڀرپور نموني سان ملهايو. هن دادو ميونسپل پارڪ ۾ هڪ مشاعرو بہ ڪرايو، جنهن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، شمشيرالحيدري، تاج بلوچ، نياز همايوني، محمد جمن هالو، علي محمد مجروح ۽ ٻيا ڪيترا اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا.
شوڪت سنڌي ادبي ۽ سماجي سرگرمين کانسواءِ سياسي سرگرمين ۾ بہ ڀرپور حصو ورتو. 1960ع ۾ سنڌ عوامي محاذ جو ڪنوينر رهيو، ان بعد سنڌ متحدہ محاذ دادوءَ جو ڪنوينر ۽ سينٽرل ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) ضلعي دادوءَ جو جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ جيئي سنڌ محاذ جو ضلعي ڪنوينر بہ رهيو. پاڻ 1960ع جي قومپرست تحريڪن جو روح روان رهيو، سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون شايع ڪرائڻ، ون يونٽ خلاف جلسا جلوس ڪڍرائڻ، سنڌ جي ريلوي اسٽيشنين تي سنڌيءَ ۾ نالا لکرائڻ، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ سميت هر جدوجھد ۾ اڳ کان اڳڀرو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ويو.
شوڪت سنڌي 30 جون 2002ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ شوڪت سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.01.03  عيسوي

شوڪت علي ولد محب علي قريشي هو، سندس جنم 3 جنوري 1939ع تي دادوءَ ۾ ٿيو.


2002.06.30  عيسوي

شوڪت سنڌي 30 جون 2002ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي خان مڱڻهار
سيد پير محمد شاھہ
ٿامس هنٽ مورگن
رستم علي سيد مولوي بکري
پاٽولي استاد عاشق حسين
عبدالمجيد نائچ
دارا شاھہ 1
اخلاق حسين
شيخ عبدالڪريم سنڌي
نصير سومرو 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون