شونالي ناگراڻي

شونالي ناگراڻي

شونالي ناگراڻي

شونالي ناگراڻي: بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۽ هندستاني ٽيليويزن جي مشھور سنڌي اداڪارہ ۽ ماڊل، شونالي ناگراڻيءَ جو جنم 20 ڊسمبر 1981ع تي دهليءَ جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس پيءُ رٽائر فوجي آفيسر آهي. هن پنھنجي تعليم گڊ شيفرڊ انگلش اسڪول، پينڊوبي، بيگڊوگرا ۽ آرمي پبلڪ اسڪول، نئين دهليءَ مان حاصل ڪئي. هن شوبز جي دنيا ۾ فن جي شروعات 2003ع ۾ مس انڊيا انٽرنيشنل جو اعزاز ماڻڻ سان ڪئي، جنهن بعد هن هندستاني فلم انڊسٽريءَ ۾ پنھنجي فني سفر جو آغاز 2005ع ۾ رليز ٿيل فلم ‘زهر ’ ۾ عمران هاشميءَ سان گڏ اداڪاريءَ سان ڪيو. 2008ع ۾ ناليواري اداڪار شاھہ رخ خان جي فلم ‘رب ني بنا دي جوڙي’ ۾ پڻ نظر آئي. ان کان علاوہ 2009ع ۾ سندس ٻہ فلمون ’پيار ڪا فندا‘ ۽ ’دل بولي هڙيپا‘ رليز ٿيون، پر اهي خاص ڪاميابي نہ ماڻي سگهيون.
بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ جي ڀيٽ ۾ ٽيليويزن تي شونالي چڱو نالو ڪمايو آهي. سوني ٽيليويزن تان نشر ٿيندڙ پروگرام ’لافٽر چئلينج‘ ۾ ميزبانيءَ کان سواءِ ٻين اهم چينلن تان ’پاپ ڪارن‘، ’عالم عشق‘، ’فلمي ڪوڪٽيل‘، ’دامدار هٽس‘ ۽ ڪي ٻيا پروگرام پڻ نشر ٿي چڪا آهن. هن 2010ع ۾ آئي. پي. ايل جي زير اهتمام 20 ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي هڪ ٽي. وي پروگرام ۾ ميزباني پڻ ڪئي، جنهن ۾ سندس انداز کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن ٽيليويزن جي ٻن اهم ريئلٽي شو ‘خطرون ڪي کهلاڙي’ ۽ ‘بگ باس، سيزن 5’ ۾ بہ حصو ورتو، جنهن سبب سندس شھرت ۾ ڪافي اضافو ٿيو. شونالي هن وقت هندستان جي نمائنده ماڊل (Fashion Icon) طور سڃاتي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.12.20  عيسوي

شونالي ناگراڻيءَ جو جنم 20 ڊسمبر 1981ع تي دهليءَ جي هڪ سنڌي گهراڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عظيم سنڌي
حسين بخش ذاڪري سماع ڌڻي
ثمينه وقار
علي نواز استاد
ڄام سيف ﷲ ڌاريجو:
قمر واحد، ڊاڪٽر
آنند رامچند گولاڻي
سوامي شانتي پرڪاش
سقراط
استاد وريلداس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون