شوري دمب (ماڳ): هيءُ ماڳ ڪينرو دمب جي اولھہ ۾ ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اهو دڙو آرينچ ندي ۽ ان جي ٻيٽ مان نڪرندڙ هڪ ڦاٽ وٽ آهي. هن دڙي جي اتر طرف ڪجهه نيون اڏاوتون ٺهيل آهن، پر هتي پراڻي زماني جو ٺڪر بہ جام ملي ٿو. ان کانسواءِ هن دڙي مان کهرو خاڪي ٺڪر بہ مليو آهي، جيڪو ٺپيل آهي. هي اوائلي سنڌو تھذيب جو ماڳ ليکجي ٿو.