ڄام خان شورو

ڄام خان شورو

شورو ڄام خان

شورو، ڄام خان: بلديات کاتي جو اڳوڻو صوبائي وزير ڄام خان شورو ولد ديدار حسين شورو، 5 مارچ 1982ع تي حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد ۾ درياھہ جي ڪپ تي سندس ڏاڏي جي نالي سان قائم ٿيل ڳوٺ ‘ڪرن شوري’ ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو ڪرن خان شورو، حيدرآباد جي مشھور سماجي شخصيتن مان ڳڻيو ويندو آهي، جڏهن تہ چاچو نور محمد شورو پڻ شھر جي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ سرگرم هئڻ سبب قاسم آباد تعلقي جو ناظم پڻ رهي چڪو آهي. ڄام خان شوري جي تعليم بي.ڪام ۽ ايل. ايل. بي آهي.
2013ع ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تان PS-47 جي تڪ تان صوبائي اسيمبليءَ (سنڌ) جو ميمبر منتخب ٿيو. سيد قائم علي شاھہ جي ڪابينا ۾ پاڻ ‘چوپايي مال (Live Stock) ۽ ماهيگيري (Fisheries)’ کاتن جو وزير رهيو. پاڻ ‘مڪاني کاتي’ جو پڻ وزير ٿيو. ڄام خان شورو هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.03.05  عيسوي

بلديات کاتي جو اڳوڻو صوبائي وزير ڄام خان شورو ولد ديدار حسين شورو، 5 مارچ 1982ع تي حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد ۾ درياهه جي ڪپ تي سندس ڏاڏي جي نالي سان قائم ٿيل ڳوٺ ‘ڪرن شوري’ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پشپا ولڀ
ارجن داس
آمنہ بيبي
بچل شاھہ (بزرگ)
آغا زين العابدين شاھہ
مقبول احمد شيخ
قاضي علي محمد ثاني
شاھہ اسماعيل صوفي ٺٽوي
ثمينه ڪنول
شمس الدين احمد حڪيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون