علامه شهنشاهه حسين نقوي

علامه شهنشاهه حسين نقوي

شهنشاھہ حسين نقوي علامہ

شهنشاھہ حسين نقوي، علامہ: سنڌ جي نامور عالم، شاعر ۽ اسڪالر علامہ سيد شهنشاھہ حسين نقوي، سيد عابد حسين نقويءَ جي گهر ۾، 1 جنوري 1973ع تي پيدا ٿيو. هن جو جنم خيرپور ميرس ۾ ٿيو، جتي هن ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ هو ايران جي شھر قم جي ديني مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان سند حاصل ڪرڻ کانپوءِ علامہ شهنشاھہ حسين تبليغ ۽ خطابت شروع ڪئي، ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيائين، جن مان ان وقت ’تھذيب زندگي‘ تمام گهڻو مشھور ٿيو، جنهن جا هن وقت تائين 12 ڇاپا اچي چڪا آهن. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ علامہ صاحب اسلام ۽ سياست تي مختلف ديني مدرسن، تعليمي ادارن ۽ ميڊيا تي ليڪچر ڏيڻ لڳو. ان کان سواءِ حضرت امام حسين عليہ السلام جي مجلسن ۾ خطابت پڻ ڪندو آهي. هن سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف شھر کانسواءِ عراق، ايران شام، ابوظهبي، شارجا ۽ دبئيءَ ۾ پڻ مجلسون پڙهيون. کيس عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو زبانن تي چڱو خاصو عبور حاصل آهي.
علامہ سيد شهنشاھہ حسين نقوي ڪيترن ئي ديني مدرسن ۽ تعليمي ادارن جو باني آهي، جن ۾ ‘جامعيه عربيه سلطان المدارس خيرپورميرس’ (2005ع)، ’القائم ايجوڪيشنل ائنڊ ويلفيئر ٽرسٽ‘ (2006)، ‘القائم ماڊل اسڪول خيرپور ميرس’، ‘القائم ماڊل اسڪول نوابشاھہ’، ‘القائم ماڊل اسڪول لاڙڪاڻو’، ‘القائم هاسپيٽل حيدرآباد ’ ، ‘القائم بلڊ بئنڪ اينڊ پيٿالاجيڪل ليبارٽري، حيدرآباد ’ (2006) ۽ ‘جعفريه ڊزاسٽر مئنيجمينٽ سيل ڪراچي’ (اين. جي. او) شامل آهن. ان کان سواءِ علامہ صاحب ڪيترن ئي ديني ۽ فلاحي ادارن جو اهم رڪن پڻ آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب پاڪستان توڙي ايران ۽ عراق مان شايع ٿي چڪا آهن. هن وقت پاڻ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.01.01  عيسوي

علامه سيد شهنشاهه حسين نقوي، سيد عابد حسين نقويءَ جي گهر ۾، 1 جنوري 1973ع تي پيدا ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله مري مولانا
حيدر علي لغاري
فضل رحيم سومرو ڊاڪٽر
حاجي عيسيٰ ساندائي محدث
پير الاهي بخش انصاري محبوب الاهي
عبدالخالق ڪنڊياروي مولانا
عبدالرحمان شھيد
امام ترمذي
شھاب الدين ڪٽوهر مولوي
طالب حسين جوهري علامہ
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون