شمشان گهاٽ: هندن جي قبرستان کي شمشان گهاٽ چيو ويندو آهي. جتي مُردن جو ڪرياڪرم ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي هر مکيہ شهر، جنهن ۾ هندو رهن ٿا، اتي شمشان گهاٽ موجود آهن. شيخ اياز بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ اهو لفظ ڪتب آندو آهي:
هو تہ مون کي چِتا تي وٺي ٿي ويا،
مينهن برسي پيو ڪالھہ شمشان ۾!