شمشاد مرجانه ڊرامو

شمشاد مرجانه (ڊرامو): هيءُ ڊرامو مرزا قليچ بيگ 1908ع ۾ شيڪسپيئر جي مشھور ڊرامي ‘Cymbeline’ تان ترجمو ڪيو، جيڪو اسٽيج تي بہ پيش ڪيو ويو. هي ڊرامو ڏسندڙن ۾ نهايت ڪامياب ٿيو. هن ناٽڪ ۾ ڪردار جي ڪچائي اها ڏيکاريل آهي تہ پوڙهو هيرو هيروئن جي ٻڌل بيوفائيءَ ۾ ويساھہ ڪري ٿو وڃي ۽ بنا تحقيق جي کيس ڪڍي ٿو ڇڏي. جنهن جي سزا اها ٿو پائي، جو وڇوڙي جا کيس عذاب سھڻا ٿا پون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو