شمشاد غوري

شمشاد غوري

شمشاد غوري

شمشاد غوري: سنڌي اردو ڊرامن جو معروف اداڪار شمشاد خان ولد عبدالغفار خان غوري، 4 اپريل 1955ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. هن بي. اي تائين تعليم حاصل ڪئي. ناميارن اداڪارن شھباز بلوچ ۽ الطاف سومري جي صحبت ۽ رهنمائيءَ ۾ هيءُ فن جي دنيا ۾ آيو. 2006ع ۾ هن سنڌ ٽي. وي جي ڊرامن: ‘رنگ زماني جا’، ‘هوشو’ ۽ ‘الف ليليٰ ’ ۾ ڪم ڪيو. مهراڻ ٽي. وي جي سيريل ‘رياست’ کان علاوہ هن اسٽيج تي سيد يار محمد شاھہ جي ڊرامي ‘پوليس پرابلم- نوپرابلم’ ۽ اسلم آزاد جي پيش ڪيل ‘شاھہ عنايت شھيد’ ۾ بہ اداڪار ڪئي. اردو چئنل هم ٽي. وي جي ڊرامي ‘انسانون جيسي لوگ’ ۽ جيو ٽي. وي جي ‘ديا جلائي رکنا’ ۾ پڻ هن پرفارم ڪيو. هن هڪ ڊاڪيومينٽري ‘مان ڪاري ناهيان’ ۾ پڻ پرفارم ڪيو. سندس مشھور ڊرامن ۾: ‘جاني جيڪسن’ (2006ع)، مزاحيہ ٻن ڊرامن: هيءُ ‘ٻڪرو ڪنهن جو آهي’ ۽ ‘ٻڪرو رابعہ جو’ قابل ذڪر آهن. هن سنڌي فلم ‘زورآور’ ۽ اردو فلم ‘مين اور ميرا ڀائي’ ۾ پڻ اداڪاري ڪئي.
شمشاد غوري سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌ آرٽس ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي. کيس فني مڃتا طور شھباز دراني اوارڊ، مشتاق چنگيزي اوارڊ ۽ يعقوب ذڪريا اوارڊ سميت ٻيا اعزاز بہ مليا آهن. هي اڄڪلھہ لياقت ڪالوني حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.04.04  عيسوي

سنڌي اردو ڊرامن جو معروف اداڪار شمشاد خان ولد عبدالغفار خان غوري، 4 اپريل 1955ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
رفسنجاني علي اڪبر هاشمي
اسد ﷲ ڀٽو مولانا
لطيف منو
پرمانند هرداس مل
ٽراٽسڪي
ثابت فقير
انور سولنگي
راشدي غلام شاھہ:
شير موٽواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون