ڊاڪٽر شمس سومرو

ڊاڪٽر شمس سومرو

شمس سومرو ڊاڪٽر

شمس سومرو، ڊاڪٽر: شاعر، اديب ۽ نقاد، شمس سومري جو پورو نالو شمس الدين ولد غلام حيدر سومرو آهي. سندس جنم پهرين جون 1954ع تي، دادو شهر ۾ ٿيو. پرائمريءَ کان اعليٰ ثانوي تعليم دادوءَ جي مختلف تعليمي ادارن مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتان ڊاڪٽريءَ جي سنَد حاصل ڪيائين. پاڻ شاگرديءَ واري زماني کان ادب ۾ لکڻ جو آغاز ڪيائين. بهترين شاعر هئڻ سان گڏ بهترين مضمون/ مقالا لکندڙ پڻ هو. سنڌي ادب ۾ تنقيد بابت سندس هڪ ڪتاب ‘تخيلقي ادب جا ترڪيبي جزا’ ڇپيل آهي. ڊاڪٽر شمس سموري مختلف سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۾ ڪم ڪيو. سنڌي ادبي سنگت دادو شاخ جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو. پاڻ ترقي پسند سوچ رکندڙ اديب هو. سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي رهندي، سنگت کي فعال ڪرڻ ۽ سنگت ۾ ترقي پسند لاڙو پيدا ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيائين.
شمس الدين سومري 13 ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.06.01  عيسوي

شمس الدين ولد غلام حيدر سومرو آهي. سندس جنم پهرين جون 1954ع تي، دادو شهر ۾ ٿيو.


2003.12.13  عيسوي

شمس الدين سومري 13 ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهادر ٽالپر
شاهه محمد گاڏهي
عالم سجاولي پير
شمس الدين شمسي
رسول بخش تميمي
حڪيم محمد يعقوب قاضي
سيد عبدالحسين موسوي
عبدالحق عظيم
امر لعل هنڱوراڻي
عبدالڪريم سنديلو ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون