شفيع محمد جمن

شفيع محمد جمن

شفيع محمد جمن

شفيع محمد جمن: سنڌ جي نامياري راڳي شفيع محمد جمن 20 جنوري 1956ع تي ڪراچي شھر جي عثمان ڳوٺ ۾ سنڌ جي مهان راڳي محمد جمن جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس خاندان موسيقي سان سلهاڙيل هڪ اهم گهراڻو آهي. هو ننڍپڻ کان ئي پنھنجي والد سان گڏ راڳ جي محفلن ۾ ويندو هو. پوءِ باقاعدہ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. شفيع محمد جمن موسيقيءَ جي بنيادي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ باقاعدگيءَ سان استاد ڪرامت علي خان (ربابي) کان راڳ جي سکيا حاصل ڪيائين. سندس تعلق بلوچستان جي لسٻيلي علائقي جي سخيراڻي قبيلي سان هو، پر ڪن روايتن موجب سندس تعلق ڀوتاڻي/ بڪڪ قبيلي جي مڱڻهار گهراڻي سان هو. شفيع محمد جمن ريڊيو پاڪستان ۽ ٽيليويزن جو مشھور گلوڪار هو، سندس آواز ۾ ناز پروڊڪشن پاران 3 عدد آڊيو البم پڻ جاري ٿيا. هن پوري سنڌ سميت لاهور ۽ اسلام آباد ۾ بہ وڃي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس ۾ ثمينه ڪنول سان گڏجي شاھہ سائين جا سُر پڻ آلاپيا.
شفيع محمد جمن 28 آگسٽ 2002ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ پنھنجي گهر ۾ پنھنجي والد ۽ ڏاڏي جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ شفيع محمد جمنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.10.20  عيسوي

نامياري راڳي شفيع محمد جمن 20 جنوري 1956ع تي ڪراچي شهر جي عثمان ڳوٺ ۾ سنڌ جي مهان راڳي محمد جمن جي گهر ۾ جنم ورتو.


2002.08.28  عيسوي

شفيع محمد جمن 28 آگسٽ 2002ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زاهده پروين
زينت شيخ
پون ڪمار نانڪرام
شبير سخيراڻي
خاصخيلي ذوالفقار علي
مريد عباس
سڄڻ مڱڻهار
استاد يوسف کٽي
رفيع
الھڏنو خاصخيلي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون