شفيع احمد ‘اوج’ علوي

شفيع احمد ‘اوج’ علوي

شفيع احمد اوج علوي

شفيع احمد ’اوج‘ علوي: شاعر ۽ نثرنويس شفيع احمد ’اوج‘ ولد درمحمد علوي 14 آڪٽوبر 1921ع تي شڪارپور شھر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم شڪارپور ۽ جيڪب آباد مان حاصل ڪئي. جڏهن تہ بي.اي جي ڊگري ڊي. جي سنڌ ڪاليج (1944ع) مان ۽ ايم.اي (1948ع) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي سڌسماءَ واري کاتي ۾ انفارميشن آفيسر مقرر ٿيو. شفيع احمد ’اوج‘ جي ادبي سرگرمين جي شروعات 1939ع ۾ ڪاليج واري زماني کان ٿي. هو شڪارپور جي مشھور شاعرن: فقير غلام علي ’مسرور‘، عبدالوهاب ’ناظم‘، لطف بدوي، شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ لعل محمد لعل جي صحبت ۾ رهيو. هن شاعريءَ جي تربيت مشھور شاعر محمد اسلم علويءَ جي پٽ محمد اشرف ’اشرف‘ علوي ۽ مير صفي ’فدا‘ کان حاصل ڪئي. سندس ڪلام لاڙڪاڻي جي هفتيوار اخبارالحقيقت‘ ۽ سکر جي ’سنڌ زميندار‘ ۾ شايع ٿيندو هو. ’اوج‘ جي ڪوششن سان 1941ع ڌاري شڪارپور ۾ ’مسلم ادبي سوسائٽي‘ جو بنياد پيو. ساڳئي سال ڪراچيءَ ۾ بہ هن ’سنڌي ادبي مجلس‘ (تنظيم) قائم ڪئي، جنھن جي پليٽ فارم تان مشاعرا ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون ويون. ان کان علاوہ هو ڪراچي جي مختلف ادبي تنظيمن جو رڪن، عھديدار ۽ ’پاڪستان رائٽرس گلڊ‘ جو بہ سرگرم رڪن ٿي رهيو. شفيع احمد کي سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي ادب جو تمام گهڻو مطالعو هو. شاعر ۽ نثرنويس جي حيثيت ۾ هن شاھہ لطيف ۽ سچل جي فڪر تي ڪيترائي مقالا لکيا. هن سنڌي ادب، شاعري ۽ تاريخ جي مختلف دورن ۽ صنفن تي سنڌيءَ ۽ اردو ۾ بہ لکيو. سندس لکڻيون ماهوار ’نئين زندگي‘ ۽ ٽماهي ’مھراڻ‘ کان علاوہ اطلاعات کاتي جي مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس سمورو ڪلام قلمي صورت ۾ سندس ننڍي ڀاءُ خورشيد احمد علويءَ مرحوم وٽ رهيو. هن 31 آڪٽوبر 1972ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ شفيع احمد اوج علويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.10.14  عيسوي

شفيع احمد ’اوج’ ولد درمحمد علوي 14 آڪٽوبر 1924ع تي شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو.


1972.10.31  عيسوي

شفيع احمد اوج علوي 31 آڪٽوبر 1972ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احسان علي
غالب مرزا اسدالله خان
ڪوثر ٻرڙو
بلاول پرديسي
شاھہ لطف ﷲ قادري رح
سانوڻ فقير
رجب آزاد
پلي شمس الدين
شيخ محمد محفوظ ٺٽوي
مير شھداد علي خان حيدري ٽالپر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون