شفقت چيما

شفقت چيما

شفقت چيما

شفقت چيما (ايڪٽر): پاڪستاني ايڪٽر ۽ ڊائريڪٽر شفقت چيما، 20 نومبر 1961ع تي ڄائو. هن 40 سال فلمي دنيا کي ڏنا آهن. هي اصل مذهبي گهراڻي جو فرد آهي. هن ايڪٽر ٿيڻ لاءِ 12 سال جدوجھد ڪئي. سندس پهرين فلم ‘ڪلڪا’ آهي، جيڪا 1989ع ۾ رليز ٿي، پر کيس شھرت پنجابي فلم ‘چوڙيان’ کان ملي، جيڪا 2011ع ۾ ر ليز ٿي ۽ 200 ملين روپين جو بزنس ڪيائين. جنهنڪري هن لاءِ فلمي دنيا توڙي ڊرامن جا دروازا کلي ويا. هي فلمن ۾ گهڻو تڻو ولين جو ڪردار ڪندو آهي. سندس ‘بول’ فلم ۾ ڪيل ‘غنڊي’ جو ڪردار ڏاڍو ساراهيو ويو. ان کان سواءِ هن ڪيترين ئي ٽي وي سيريلز ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ ‘لنڊا بازار’، ‘خدا اور محبت’، ‘اشڪ’ ۽ ‘هير رانجها ’ مشھور آهن. هن جي فن جو سفر جاري آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.11.20  عيسوي

پاڪستاني ايڪٽر ۽ ڊائريڪٽر شفقت چيما، 20 نومبر 1961ع تي ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تسنيم احمد صديقي
ارنيسٽ مئڪي ڊاڪٽر
شفيق احمد مهيسر ميان
پير جمعو شھيد
تيجومل
بلوچ ناصر
پير نور شاھہ هاشمي
تنوير انجم
پوراني ميرڪ سيد محمد
درويش پنيو ناريجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون