
شرڪ ناس
شرڪ ناس (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف محمد عثمان ڏيپلائي آهي. هن ڪتاب ۾ پير پرستيءَ جي خلاف مصنف جا ٻارهن افسانا شـامـل آهـن، جـن ۾ (1) مـرشــد جـي نـنــڊ، (2) شـاھہ جـي ڏگـري، (3) ابتـو ڦـيـــرو، (4) اوليائن جي مار، (5) ووٽن جي پيتي، (6) بُـلا شـاھہ جو ڪـلام، (7) ٻـئـي گــدرا، (8) درگاھہ شريف، (9) قـلـنـدر جـو هـندورو، (10) دستگير جي يارهين، (11) نڀاڳي مريدياڻي، (12) گڏھہ جو پيءُ، افسانا شامل آهن.
ڪرائون سائيز ۾ 200 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب اسلاميہ دارالاشاعت طرفان 1950ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 1 روپيو ڄاڻايل آهي.