شري کٽ واري ڌرمشالا، شڪارپور: شڪارپور شھر جي تاريخي عمارت بابت روايت آهي تہ هن ڌرمشالا جي تعمير اڄ کان 250 سال اڳ ۾ ٿي هئي، پر اهو پتو نہ ٿو پوي تہ اُن جي تعمير ڪنهن ڪرائي هئي. روايت آهي تہ بابا گرداس رام پهريائين کٽ، نيزو ۽ تلوار کڻي گنداواھہ پهتو، بعد ۾ پرچار لاءِ شڪارپور ۾ آيو. کٽ واري ڌرمشالا جو پهريون گادي نشين بابا گرداس رام صاحب هو ۽ آخري بابا رامداس صاحب هو. هن وقت هن ڌرمشالا جو گادي نشين ڪوبه نہ آهي، باقي خاص شيواڌاري ڀيشم داس آهي. آڳاٽي وقت ۾ شهدادڪوٽ، اوستا محمد ۽ گنداواھہ جا مندر هن ڌرمشالا جي سرپرستيءَ هيٺ هلندا هئا.