
شرح مثنوي (قلمي نسخو)
شرح مثنوي (قلمي نسخو): هي فارسي ۾ لکيل قلمي نسخو مولانا جلال الدين روميءَ جي شاهڪار مثنويءَ جي شرح آهي، جنهن جو مصنف نامعلوم آهي. هي قلمي نسخو 161 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو خط نستعليق ۽ خط شڪستہ ۾ ڪتابت ٿيل آهي. ڪاتب ۽ ڪتابت جو سن نامعلوم آهي. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
“بسم ﷲ الرحمان الرحيم رب يسر
و تمم بالخير و بھ نستعين الحمد ﷲ
رب العالمين والصلواة و السلام علي
خير خلقھ محمد و آلھ اجمعين... الخ”
۽ اختتام هيئن ٿئي ٿو:
“... والله اعلم والحمد لله رب
العالمين و صلي ﷲ عليٰ خير خلقھ محمدو
آلھ اجمعين تمام شد بتاريخ 9 ماه صفر 1256ع (12 اپريل 1840ع)”
هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.