شرح ماية عبدالرسول (ڪتاب): فارسي ٻوليءَ ۾ عربي صرف ۽ نحو تي هي شاعريءَ جو منظوم ڪتاب اصل ۾ عبدالرسول جي مشھور ڪتاب ‘ماية عبدالرسول’ جي شرح آهي. هن ۾ صرف و نحو بابت تفصيلي معلومات وضاحتن سان ڏنل آهي. ڪتاب جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي:
“بسم ﷲ الرحمن الرحيم
ابتدا سازم بنام پاڪ آن بي ابتدا
درره ادراڪ اوهر عقل راجز انتها”
۽ اختتام هيئن ٿئي ٿو:
“... تمت ڪتبه نور الدين اله آبادي، تمام شد
شرح ماية عبدالرسول بسعي تاجران ناچيز.
فقير ﷲ عبدالقادر و عبدالعزيز درسنه 1300ھہ/1882ع
هجري نبوي صلي ﷲ عليہ وسلم.”
ڊيمي سائيز ۾ 24 صفحن تي مشتمل هي شاهڪار ڪتاب مطبع محمديءَ طرفان 1300/1882ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي ڪا بہ قيمت ڄاڻايل نہ آهي.