شرح سڪندرنامه (قلمي نسخو)

شرح سڪندرنامه (قلمي نسخو)

شرح سڪندرنامه قلمي نسخو

شرح سڪندرنامه (قلمي نسخو) : فارسي ٻولي ۾ هي قلمي نسخو نظاميءَ جي ‘سڪندر نامہ’ جي شرح تي مشتمل آهي جنهن جو مصنف شيخ هارون متقي ٺٽوي آهي.
هي فارسي زبان ۾ شرح 78 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي هر صفحي تي 16 سٽون آهن، اهو خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي. ڪاتب ملا فقير بن آخوند نعمت آهي، جنهن 1248ھہ/ 1832ع ۾ ڪتابت ڪيو. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
”حضرت بر سر زمين برپا است واماده
شده است زمين... الخ“
۽ پڄاڻي هيئن ٿئي ٿي:
“... شرح سکندر نامہ من تصنيف شيخ
هارون متقي ساکن تته، تحرير يافت
ازدست ملا فقير بن آخوند نعمت
ﷲ بتاريخ 29 ماه ربيع الآخر روز سشنبه
وقت دو پاس 1248ھہ/1832ع”
هي قلمي نسخو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو