شرح: مذهبي صحيفي يا اعليٰ درجي جي شاعريءَ جي ڪنهن حصي جي وضاحت يا تفسير کي شرح چئبو آهي. مسلڪ يا عقيدن جا پهلو اڪثر شرح جي اخذ ڪيل نتيجن جو تعين ڪندا آهن. ڪنهن متن جون ڪيتريون ئي شرحون يا تفسير ڪري سگهجن ٿا. شرح لفظ جي استعمال ڪنهن ادبي متن جو تجزيو ڪرڻ جي حوالي سان بہ استعال ٿيندو آهي. شاعريءَ جي ميدان ۾ ‘مثنويءِ مولانا رومي’، ‘مثنويءِ سعدي’، شاھہ جي رسالي جون شرحون لکيون ويون آهن. شرح نہ صرف ڪنهن مذهبي صحيفي بلڪہ ڪنهن بہ الهامي شاعري ۽ ادب جي ذمري ۾ پڻ ڪتب اچي ٿي.