شرافي/ شرابي (ديھہ): هيءَ ديھہ تپي لانڍي، تعلقي ڪراچيءَ ۾ آهي. هن کي عام طور ديھہ شرافي چوندا آهن، پر روينيو رڪارڊ ۾ هن جو نالو ‘شرابي’ لکيل آهي. هن ديھہ کي نئن ملير آباد ڪري ٿي. لانڍيءَ کان ايندي ملير ريلوي پل کان ٿورو اڳتي کاٻي هٿ تي ملير نئن جي ڪناري کان ديھہ ريڙهيءَ تائين جو علائقو هن ديھہ ۾ آهي. هن ديھہ ۾ خوبصورت چٽساليءَ واريون گهاڙيون قبرون بہ آهن. هن ديھہ ۾ 35 کان مٿي گبولن، پنهورن، ڪلمتين، جوکين ۽ بلوچن جا ڳوٺ آهن. هن وقت 2015ع ۾ هيءَ ديھہ لانڍي ٽائون ۾ شامل آهي. ڪورنگي صنعتي زون جو گهڻو ڀاڱو هن ديھہ ۾ شامل هئڻ ڪري هتي مزدوريءَ لاءِ آيل پٺاڻن ۽ پنجابين جون ڪچيون آباديون بہ آهن. دائود چورنگيءَ وارو علائقو، جيڪو پٺاڻن جو اڪثريتي علائقو آهي، سو بہ هن ديھہ ۾ آهي.